گهوٽڪي ۾مير بابر علي خان لنڊ کي ضلعي وائيس چيئرمين نامزد ٿيڻ تي شھرين پاران مبارڪباد
گهوٽڪي (رپورٽ : محمدامین سومرو ) گهوٽڪي پيپلز پارٽي ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر علي خان کي لنڊ پارٽي پاران ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي جو وائيس چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي،
پارٽي ڪارڪنن ۽ عهديدارن ۾ خوشي جي لهر،پارٽي جا ڪارڪن ۽ عهديدار سوين جي تعداد ۾ڳوٺ صاحب خان لنڊ وٽ پهتا. پ پ گهوٽڪي ضلعي جو ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري عبدالمجيد لاکو،
پ پ پ سوشل ميڊيا گهوٽڪي ضلعي انچارج سجاد علي ڀٽو، پ پ ضلعي گهوٽڪي جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سيد امتياز سليمان شاهه، عبدالغني لاکو، راڻا علي، ڊاڪٽر ظريف، وڏيرو موسيٰ گڏاڻي، منٺار ابڙو، رجب ابڙو، قادر بخش عباسي، جاني شنڪر،
سعيد صديقي، رائو نديم، ياسين لولائي، محمد نواز ، محمد نواز چنا پاران مير بابر علي خان لنڊ کي ضلعي وائيس چيئرمين نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ پ پ ڪارڪنن کي گلن جا هار پارايا.
ان موقعي تي هنن چيف سردار علي فياض علي خان لنڊ، مير اسد علي خان لنڊ ۽ مير زوهيب علي خان لنڊ کي مبارڪباد پڻ ڏني.
جُون 7, 2023