سکر : مشهور آءِ بي اي يونيورسٽي انتظاميا بحران جو شڪار، چئن پروفيسرن پاران استعيفائون
سکر ( رپورٽ: ماجد منگي ) ملڪ جي مشهور آءِ بي اي يونيورسٽي انتظاميا بحران جو شڪار، نئين وائيس چانسلر جي مقرري بعد 4 پروفيسر استعيفائون ڏئي هليا ويا،
خبرموجب آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ ڪجهه مهينا اڳ نئين وائيس چانسلر پروفيسر آصف شيخ جي مقرري کانپوءِ يونيورسٽي انتظاميا بحران جو شڪار ٿي وئي آهي، جڏهن ته 4 اعليٰ پروفيسرن گڏيل طور پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن،
ان ڏس ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف شيخ پاران يونيورسٽي جي پروفيسرن توڙي ٻين آفيسرن سان بغير ڪنهن مشاورت ۽ رضامندي جي يونيورسٽي سکر کان ٻين ڪيمپسن ۾ مقرر ڪرڻ تي ڊائريڪٽر آءِ بي اي سمر رضا ٽالپر کي پنهنجي عهدي تان هٽائي
ڪنڌڪوٽ ڪيمپس مقرر ڪيو ويو، ڊائريڪٽر آءِ ٽي غلام مصطفيٰ، سرفراز ڊکڻ کي هٽائي سندس جاءِ تي اختر راجپوت کي مقرر ڪيو ويو، اهڙين بدلين ۽ مقررين کانپوءِ ڊائريڪٽر اورڪ پروين ميمڻ، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ منظور ميمڻ سميت
4 پروفيسرن پنهنجي عهدي تان احتجاجن استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن.استعيفائون ڏيندڙ پروفيسر مختلف شعبن جا سربراهه ۽ آءِ بي اي جا بنيادي ميمبر هئا.
جُون 7, 2023