سيوھڻ: آءِ بي اي پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ بابت تقريب منعقد
سيوهڻ شريف ) رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي( سيوھڻ تعلقي جي آء بي اي پاس 03 فيز جي ڪامياب ٿيندڙ
اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيئڻ لاء ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪينڊري ڄام شورو ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ڄام شورو جن جي نگراني ۾ آء بي اي پاس اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪرڻ جي تقريب سيوھڻ ۾ ٿي گذري . تفصيل موجب
سيوهڻ ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس 3 فيز اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا، اها شاندار تقريب سيد عبداالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوھڻ جي آڊيوٽوريم حال ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ پ ايم اين اي سردار سڪندر خان راهپوٽو ، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪينڊري جامشورو،
ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ضلع ڄامشورو پانڌي خان ٽالپر، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري سيوھڻ عبدالستار ميمڻ، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيوھڻ پرائمري خدابخش ملاح ۽ ڊائريڪٽر سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ سيوھڻ ڊاڪٽر معين الدين صديقي جن شرڪت ڪئي، ھن تقريب ۾ آء بي اي پاس 3 فيز اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا.
جُون 7, 2023