پنڊي ٽيسٽ: پاڪستان مٿان وائيٽ واش جي تلوار ٽنگيل، بنگلاديش کي فتح لاءِ 143 رنسون گهربل

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻي اننگز ۾ بنگلاديش خلاف قومي ٽيم 172 رنسن تي ڍير ٿي وئي، بنگلاديش کي ٻي ٽيسٽ کٽڻ لاءِ 185 رنسن جو هدف مليو، خراب روشني سبب چوٿين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي مهمان ٽيم بنا ڪنهن نقصان جي 42 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
بنگلاديشي فاسٽ بالرن هڪ ڀيرو وري پاڪستاني بيٽرن تي حاوي رهيا ۽ پاڪستان جي ٻي اننگز ۾ سموريون وڪيٽون فاسٽ بالرن حاصل ڪري بنگلاديش جي سيريز کٽڻ جا امڪان روشن ڪري ڇڏيا آهن.
بنگلاديش کي پاڪستان خلاف سيريز 2-0 تان کٽڻ لاءِ 185 رنسون گهربل آهن ۽ چوٿين اننگز ۾ بنگالي بيٽرن بنا ڪنهن نقصان جي 42 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
قومي ٽيم 9 رنسن ۽ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي چوٿين ڏينهن جي راند شروع ڪئي ته 47 رنسن جي مجموعي اسڪور تي اوپنر صائم ايوب 20 رنسون ٺاهي تسڪين احمد جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ان کانپوءِ ڪپتان شان مسعود 62 جي مجموعي اسڪور تي 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
شان مسعود کانپوءِ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم به خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو 11 رنسن ٺاهي پويلين جو رستو ورتو.
نائب ڪپتان سعود شڪيل ٻه رنسون ڍاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي 43 رنسن جي تي همت جواب ڏئي وئي ۽ حسن محمود جي بالر تي ڪيچ ڏئي ويٺو، 136 رنسن جي مجموعي اسڪور تي محمد علي کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو .
سلمان علي آغا جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪندي 47 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته ابرار احمد ٻه ۽ مير حمزا چار رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ٻي اننگز ۾ قومي ٽيم جو ڪو به رانديگر ففٽي اسڪور نه ڪري سگهيو.
بنگلاديشي بالر حسن محمود پنج وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ناهيد رانا چار ۽ تسڪين احمد هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

سيپٽمبر 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو