روهڙي: رجب علي دايو ڀٽي پاڙي واسين پاران مظاھرو ڪيو ويو
روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ)روهڙي جي ڳتيل آبادي واري علائقي ڳوٺ رجب علي دايو ڀٽي پاڙي ۽ شيخ پاڙي جي مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارن جو وڏو انگ روهڙي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاھرو ڪيو،
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن غلام رسول ڀٽي، عبدالله ڀٽي، ياسين ڀٽي، رب نواز شيخ، تڪيل شيخ، مسمات رمضانہ، مسمات سڪينه ۽ مسمات آسيا ۽ ٻين الزام ماڻيندي چيو ته روهڙي جي بااثر شخصيتن سيد محبوب علي شاھ، سيد لياقت علي شاھ ۽ ٻيا غيرقانوني طور تي گهر خالي ڪرائڻ لاءِ نه صرف حراسان ڪري رهيا آهن
پر گذريل ڪيترن ئي ارسي کان اتي رهندڙ شيخ ۽ ڀٽي برادري جي سوين خاندانن کي بي گهر ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جا حربا استعمال ڪري رھيا آھن جڏهن ته اهي بااثر ماڻهو اسان جي علائقي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ٿيڻ نه ڏئي رهيا آهن
۽ سرڪاري طور تي هلندڙ گهٽين ۾ پاڙي ۾ رستن تي روڊ ۽ فرش بندي نالين جي تعمير سميت ٻين ترقياتي ڪمن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن هنن صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاھ، سيد ڪميل حيدر شاھ، ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر کان مطالبو ڪيو ته اسان کي گھر خالي ڪرائڻ لاءِ حراسان استعمال ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سوين متاثر خاندان پنهنجن معصوم ٻارڙن سميت سکر پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻنداسين،
ٻئي طرف سيد محبوب علي شاھ شيخ ۽ ڀٽي برادري پاران لڳايل سمورن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته هي پلاٽ اسان جا ذاتي آهن ۽ هن علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو وڏي عرصي کان ڪرائي دار آھن جڏهن ته اسان جي پلاٽ جي اندرين حصن ۾ بنا ڪنهن رٿابندي جي ترقياتي ڪم روڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪنهن به خاندان کي خالي ڪرڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ يا تنگ نه ڪيو پيو وڃي.
جُون 7, 2023