سامونڊي طوفان، حڪومت ۽ ٻڏندڙ سنڌ
اڪرم رانجهاڻي
سنڌ ۾ برسات وسي رهي آهي، گذريل ٽن، چئن ڏينهن کان لاڳيتو وسندڙ برسات سبب عام زندگي ۽ ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيا آهن. برسات دوران روڊ، رستا ۽ گذرگاهون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن. مسلسل وسندڙ برسات ۽ ٻوڏ سبب لاڙڪاڻي، موهن جو دڙو، دادو ۽ ڄامشورو ضلعن جا ڪيترائي ڪچي وارا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ڪچي جي علائقن ۾ زرعي زمين جي هزارين ۽ لکين ايڪڙن تي پوکيل ترن، بصرن، سارين ۽ مختلف ڀاڄين جا فصل ۽ باغ پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن نتيجي ۾ آبادگارن توڙي هارين کي ڪروڙين ۽ اربين روپين جو نقصان پهتو آهي. برسات ۽ ٻوڏ ڪري ڪچي توڙي مختلف شهري علائقن جا ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ ڳوٺاڻن جي معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ مال متاع کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. ان کانسواءِ سامونڊي طوفان جو پڻ خطرو هو، جنهنڪري موسميات کاتي اهڙو الرٽ به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ضلعي بدين، ضلعي ٺٽي، ضلعي سجاول ۽ ڪراچي جي صورتحال پڻ خطري واري ٻڌائي پئي وئي ۽ اتان جي رهواسين جي سمنڊ واري پاسي اچ وڃ تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي وئي ۽ اتان جي مقامي انتظاميا کي به الرٽ رکيو ويو. جيتوڻيڪ موسميات کاتي وارن به ساحلي پٽي جي حوالي سان سامونڊي طوفان ۽ شديد برسات جي حوالي سان پنهنجو الرٽ جاري ڪندي مهاڻن کي سمنڊ اندر نه وڃڻ جون سخت هدايتون جاري ڪيون ، ساڳئي هنڌ بدين، ٺٽي ۽ سجاول سان لاڳاپيل ساحلي پٽي جي حوالي سان ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد به سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪندي مهاڻن ۽ سياحن جي ساحلي پٽي ڏانهن اچ وڃ تي پابندي مڙهي ڇڏي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن خلاف ضلعي پوليس انتظاميا کي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو پڻ سخت حڪم جاري ڪيو. شديد برسات ۽ سامونڊي طوفان واري قدرتي آفتن جي خطري سبب سنڌ خطرناڪ ايمرجنسي واري زون ۾ اچي بيٺي آهي ۽ سنڌ سرڪار اڳيان برسات ۾ ٻڏندڙ سنڌ جو بي حال وجود بي يارومددگار پيل آهي.
هاڻي ڏسون ته موجوده سنڌ حڪومت سنڌ جي بيحال وجود کي ڪهڙو ڪلهو ڏئي ڪيتري قدر سهارو بڻجي، ان جي خدمت ڪري ٿي يا وري ماضي جيان سنڌ جي ان لاوارث بڻيل وجود کي بي يارومددگار ڇڏي ٿي ڏئي، سرڪاري ڪارڪردگي ۽ ٿيندڙ عوامي خدمت کي بعد ۾ ڏسي وٺبو. في الحال ته دادو ضلعي جي تعلقي جوهي ڀرسان يوسي ڪمال خان جو هي تازو واقعو سنڌ سرڪار لاءِ ڪافي آهي ته يوسي ڪمال خان ۾ 2022ع جي ٻوڏ دوران ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارا بند نه ڪيا ويا، ايم اين وي ڊرين جي پاڻي گهارن مان گذرندي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، انتظاميا متاثر ڳوٺن ۾ ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروايون نه ڪيون، ڳوٺاڻا گهرن جو سامان ۽ مال متاع به نه بچائي سگهيا. هاڻي جوهي جي يوسي ڪمال خان جي هن واقعي مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته موجوده سنڌ حڪومت جيڪا گذريل سال 2022ع جي ٻوڏ دوران مشهور سم نالي جنهن جي عام طور تي سڃاڻپ ايم اين وي ڊرين جي نالي سان آهي، ان سم نالي جا هن مهل تائين لڳل گهارا نه ٻڌرائي سگهي آهي ته هاڻي جيڪا سنڌ متاثر ٿئي پئي ان جي ڪهڙي واهر ڪندي؟
چيف ميٽرولاجسٽ جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، سانگھڙ، شھيد بينظيرآباد ميرپورخاص سميت 21 ضلعن ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي ھلڪي برسات جاري رھندي، ان سلسلي ۾ موسميات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سڀ کان وڌيڪ برسات 74 ملي ميٽر ڏيپلو ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، ڇاڇري ۾ 53، ٺٽي ۾ 39، بدين ۾ 15، ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ۾ 20، حيدرآباد ايئرپورٽ تي 16 ۽ سٽي ۾ 14، اسلام ڪوٽ ۾ 38 ۽ ننگرپارڪر ۾ 32 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آھي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ گھٽ برسات پئي آهي. جڏهن ته ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد موسميات کاتي جي اڳڪٿي مطابق سنڌ جي ساحلي پٽيءَ وارن ضلعن بدين، ٺٽي ۽ سجاول ۾ سامونڊي طوفان کان بچاءُ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو هو ۽ مهاڻن توڙي سياحن جي کليل سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي عائد ڪري ڇڏي هئي ۽ اهڙي قلم جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ضلعي جي پوليس انتظاميا کي قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي هئي.
ٻئي پاسي پ پ پ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ۾ برسات سبب پيدا ٿيل صورتحال بابت ڪالهه ڪراچي ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي سنڌ اندر جتي جتي برسات بعد ڏکيائين واري صورتحال پيدا ٿي آهي، اتي اتي انتظاميا متحرڪ آهي، حيدرآباد ۽ ڪراچي جا پ پ پ ميئرز ذاتي طور تي راتين جون راتيون جاڳي شهرن جي روڊن ۽ رستن تان برساتي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻايو آهي، جيستائين سنڌ اندر برسات واري صورتحال رهندي، تيستائين پ پ پ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پنهنجن علائقن ۾ ميدان عمل ۾ موجود رهندا.
جيڪڏهن خدا نه ڪري سنڌ جي ساحلي پٽيءَ وارن ضلعن بدين، ٺٽي ۽ سجاول ۾ سامونڊي طوفان اچي به وڃي ها ته پوءِ 90ع جي ڏهاڪي واري نواز شريف جي حڪومتي دور دوران آيل سامونڊي طوفان جي تباهيءَ جي منظرن کي ڪير به نه وساري ته ڪيئن ماضيءَ جي انهن ڏيهن دوران سامونڊي طوفان قيامت برپا ڪري ڇڏي هئي ۽ ماضي جي انهن ڏينهن دوران سامونڊي طوفان ۾ ڪيترائي انسان ۽ ڪيترائي ڍور ڍڳا ان طوفان کڻي اڏائي گم ڪري ڇڏيا هئا، نه ڄاڻ ڪيترن ئي انسانن ۽ ڍورن ڍڳن کي سامونڊي طوفان هنڌ کان اڏائي ٻئي هنڌ تائين گم ڪري ڇڏيو هيو ۽ جڏهن مهينن ۽ سالن جي عرصي تائين آهستي آهستي ان ماضي جي سامونڊي طوفان جا اثر گهٽ ٿيڻ شروع ٿيا، رستا، روڊ، گذرگاهون ۽ پيچرا سڌاسنوان هلڻ جهڙا ٿيندا ويا ته پوءِ ڪيترن ئي انسانن جا لاش ۽ ڪيترائي مئل ڍور ڍڳا وڻن ۾ ٽنگيل ۽ ڳوٺن، ويرانين ۽ مختلف واهڻن ۾ ملڻ شروع ٿيندا ويا هئا. اها هڪ مختصر جيئري جاڳندي تاريخ آهي.
90 جي ڏهاڪي واري ميان نواز شريف جي حڪومتي دور جي، جنهن حڪومتي دور ان وقت به سامونڊي طوفان سبب متاثر ٿيل سنڌ جي هن ساحلي پٽيءَ جي علائقن جي ڪهڙي واهر ڪئي هئي، اهو سڀ دنيا ڀلي ڀت ڄاڻي ٿي، بلڪل انهن سنڌ مٿان مصيبتن جي انهن ڏهاڙن ۾ نواز سرڪار لاپرواهي، تعصب پرستي، بي ڌياني ۽ لاپرواهي کانسواءِ لاشن واري سنڌ کي ڪجهه به نه ڏئي سگهيو هيو.
موسميات کاتي جي ساحلي پٽيءَ ۾ سامونڊي طوفان ۽ وڌيڪ شديد برسات جي پيشنگوئين کي نظر ۾ رکندي ڏٺو وڃي ته ساحلي پٽيءَ ۾ سامونڊي طوفان ۽ وڌيڪ برساتن جي صورتحال حقيقت ۾ ڪنهن خطرناڪ صورتحال کان گهٽ ناهن ۽ اهڙي صورتحال کي نه گهٽ سمجهيو وڃي ۽ نه ئي وري ان کي گهٽ ڄاتو وڃي. اهڙي صورتحال جي حوالي سان سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ سرڪار اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي ٻڏندڙ بيحال وجود کي پنهنجي سيني سان لڳائي ان کي خاطرخواهه پناهه ڏئي محفوظ ڪري سگهندو يا نه؟ يا وري سنڌ سرڪار 2022ع جي ٻوڏ جيان سنڌ جي بيحال کي وجود کي ائين ئي ڇڏي ڏيندي، حقيقت ۾ اهو هڪ وڏو سوال آهي. جنهن سوال کي هاڻوڪن ڏينهن دوران سنڌ سرڪار کي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڏي سنجيدگيءَ، ذميواري، ايمانداري سان ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري ٻڏندڙ سنڌ جي بيحال وجود کي پنهنجي سيني سان لڳائي سانڍڻو پوندو ۽ هرحال ۾ سنڌ کي پنهنجو ڪرڻو پوندو. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه حال ناهي.
سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هاڻي کان سنڌ جي سرڪاري مشينري کي وڌ کان وڌ متحرڪ بڻائڻ گهرجي ۽ هنن قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد سائنسي بنيادن تي سرگرميون عمل ۾ آڻڻ گهرجي ۽ سنڌ جي عوام جي خدمتن وارين کي ڪرپشن کان صاف ۽ شفاف رکڻ گهرجي، اها ئي وقت جي اهم ضرورت آهي. ائين نه ٿئي جو قدرتي آفتن جي اهڙين ڏکين گهڙين دوران سنڌ جي ٻڏندڙ بيحال وجود کي ئي سنڌ سرڪار بي يارومددگار بڻائي ڇڏي.
سيپٽمبر 1, 2024