شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ مڪالمو منعقد ڪيو ويو

Spread the love

سکر/خيرپور  (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ)  شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اسٽوڊنٽس سوسائٽيز سينٽر ۾ مصنوعي ذھانت (َآرٽيفيشل انٽيلي جنس) جا سماج تي مثبت ۽ منفي اثر جي موضوع تي ھڪ مڪالمو منعقد ڪيو ويو.

ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري مڪالمي جي صدارت ڪئي جڏھن تہ وائيس چانسلر جي صلاحڪار براءِ اڪيڊمڪس پروفيسر ڊاڪٽر مينھون خان لغاري خاص مھمان ھو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري چيو تہ هي دور سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي ۽ اسان ان جي عروج جا شاهد آهيون. اسان جي روزاني زندگيءَ ۽ سماج ۾ نوان رجحان، ٽيڪنالاجي ۽ طريقا اختيار ڪرڻ کي ٽيڪنالاجي چئبو آهي.

 هن چيو ته اهو اسان جي روش تي منحصر آهي ته اسان ان کي ڪيئن اپنائي ۽ انسانيت ۽ رياست جي ڀلائي لاءِ مثبت طريقي سان استعمال ڪري رهيا آهيون. ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري يونيورسٽي جي نوجوانن کي سکڻ جو پليٽ فارم مھيا ڪرڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي ڪوششن کي ساراهيو. پروفيسر ڊاڪٽر مينھون خان لغاري چيو تہ اسان جي شاگردن ۾ سکڻ جي صلاحيت موجود آهي.

هي مڪالمو ان جو واضح مثال آهي. هن چيو ته هي مڪالمو ۽ شاگردن جون ٻيون مثبت سرگرميون مقابلي جو رجحان پيدا ڪنديون. ڊاڪٽر لغاري ان موضوع تي شاگردن جي خيالن کي پڻ ساراهيو. ڊاڪٽر مينهون خان لغاري چيو ته هي موضوع اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جو موضوع آهي. هن چيو ته هي ملڪ جو پهريون اسٽوڊنٽس سوسائٽي سينٽر آهي جيڪو موجوده وائيس چانسلر جي متحرڪ قيادت ۾ شاگردن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي. مختلف تدريسي ادارن ۽ شعبن جي شاگردن ٻن گروپن جي صورت ۾ مڪالمي ۾ شرڪت ڪئي. هڪ گروپ چيو ته مصنوعي ذهانت (AI) جو سماج تي  اثر تي وڏي پئماني تي بحث ڪيو پيو وڃي. اهڙا مختلف دليل ۽ تجزيا آهن ته مصنوعي ذهانت عام طور تي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهي ٿي ۽ اڃا به تمام پيچيدھ ڪم انسانن کان بهتر ڪري سگهي ٿي. مصنوعي ذهانت زندگي کي تمام آسان، محفوظ ۽ وڌيڪ منظم ڪري ڇڏيو آهي.

جڏهن ته ٻئي گروپ دليل ڏنو ته مصنوعي ذهانت غير محفوظ آهي ۽ انسانن جي رازداري کي متاثر ڪيو آهي، ماڻهن ۾ نسل پرستي وڌي رهي آهي، مستقبل ۾ مصنوعي ذهانت سبب عوام ۾ بيروزگاري وڌڻ جو خدشو آهي.

مڪالمي جا ججز پروفيسر ڊاڪٽر رياض احمد شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله ميتلو ۽ مير عبدالفائق ٽالپر هئا. مڪالمي ۾ عبدالرزاق ۽ سندس گروپ فاتح رھيو جڏهن ته ذيشان ۽ سندس گروپ رنر اپ رهيو. مڪالمي ۾ ڊاڪٽر سيد عمران احمد شاهه، شمائله رباب رضوي ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، مڪالمي ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض اسٽوڊنٽس سوسائٽي سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر علي رضا لاشاري سرانجام ڏنو

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو