ڏوڪري : جسقم چيئرمين ، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

Spread the love

ڏوڪري  (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي سميت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ، سنڌ دشمن منصوبي بحريه ٽائون نامنظور ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪري اغوا ڪيلن کي جلد بازياب لاءِ جسقم جي مرڪزي سڏ تي جسقم ڏوڪري جي ڪارڪنن رڪ سنڌي، امتياز کوھارو،راجا بوهر، ظھور سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ھال ڏوڪري ۾ علامتي بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي. انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بحريه ٽائون منصوبي جوڙي سنڌ جي زمين تي والار ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.

ان منصوبي خلاف پر امن احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪي ختم ڪيا وڃن. ھنن چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي رهي آهي، اغوائون روز جو معمول بڻيل آهن، لاقانونيت ختم ڪري اغوا ٿيل مغوين کي جلد بازياب ڪري سنڌ ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي

جُون 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو