فاطمه ڦرڙو ڪيس تي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿيا

Spread the love

عجاز ممنائي
راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ جنسي ذيادتي بعد بيدردي سان قتل ٿي ويل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جي آن لائين ٻڌڻي ٿي هئي جنهن ۾ پنجن ئي شاهدن پنهنجا بيان ڦيرائي ڇڏيا، جنهن بعد عدالت سڳوريءَ فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي ۾ ڪيس جا اهم جوابدار اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاھه ۽ امتياز ميراسي پيش ٿيا.

عدالت ان موقعي تي ڪيس جي 5 شاهدن مسمات اجالا، مسمات ثانيا، صغير، محمد حسن ۽ نصير احمد جي شاهديءَ جي آڌار تي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو، ڪيس جي شاھدن عدالت ۾ گواهي ڏني ته ڄاڻايل جوابدار بيگناهه آهن، معصوم نينگري جو طبي موت ٿيو آهي، پيرن نينگريءَ کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هوءَ بچي نه سگهي، جڏهن ته مقتوله نينگري فاطمه جي والد نديم موجب پيرن مک شاهد زرينا جانوري کي ماري ڇڏيو آهي جنهن عدالت کان مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪري ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو وڃي، ان موقعي تي هن انڪشاف ڪيو ته منهنجي نياڻي جي فوت ٿيڻ وقت حنا شاهه سان گڏ بيٺل نينگري زرينا جانوري هن ڪيس جي مک شاهد هئي، جنهن کي پڻ پيرن ماري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان کي عدالت مان انصاف جي ڀرپور اميد هئي پر اڄوڪي فيصلي سان مايوسي ٿي آهي. جڏهن ته وارثن موجب جوابدارن شاهدن کي پئسن جون لالچون ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن ۽ کين سنگين نوعيت جا نتيجا ڀوڳڻ جو پڻ چيو ويو آهي انڪري اهي پيرن جا خوف ۾ اچي پنهنجي شاهديءَ تان ڦري ويا آهن ۽ منهنجي نياڻيءَ جي موت کي طبي موت قرار ڏئي رهيا آهن.

ٻئي پاسي عدالتي فيصلي کانپوءِ مقتولا نينگري جي امڙ شبنم ڦرڙو هنجون هاريندي رهي ۽ سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏھن منهنجي نياڻيءَ جي خون سان انصاف نه ٿيو ته هوءَ پاڻ ساڙيندي۔ جڏهن ته اهم ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته فاطمه جي خون جو سودو ڇهه ڪروڙن عيوض طئي ٿيو آهي۔ ان ۾ ڪيتري صداقت آهي اهو به جلد منظرعام تي اچي ويندي.

پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته فاطمه جا وڪيل ۽ عدالت سڳوري پوسٽ مارٽم جي رپورٽن جي آڌار ڪيس ڇونه ٿا وڙهن جنهن ۾ فاطمه سان اهم جوابدار اسد شاهه جا جزا به ميچ ٿيا هئا جنهن جي گواهي ان وقت جي قانون ۽ انساني حقن واري وزير عمر سومرو چيو هو ته راڻيپور جي پيرن هٿان زيادتي بعد بيدردي سان قتل ٿيل معصوم فاطمه ڦرڙو ڪيس جا ڊي اين اي جزا صحت کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان تباھه ڪرايا. اسان پنجاب مان ٽيسٽ ڪرائي، جتي ڊي اين اي جا جزا پير اسد شاهه سان ميچ ٿي ويا، ان کانپوءِ وڊيو ۾ به فاطمه جي مارڻ جون چٽيون گواهيون موجود آهن ته پوءِ پنهنجي بيانن تان ڦرندڙن جي ڪري ڪيس کي ختم ڪرڻ جا سانباها ڇو پيا ڪيا وڃن۔ ميڊيڪل بورڊ پڻ پنهنجي رپورٽ ۾ فاطمه تي تشدد سان گڏوگڏ جنسي زيادتي جي به تصديق ڪري ڇڏي هئي جنهن جي گواهي ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل پوليس سرجن امان الله ڀنگوار پڻ ڏني هئي۔ ٻئي طرف ڊي آءِ جي سکر پڻ ميڊيڪل بورڊ پاران شروعاتي رپورٽ ۾ ميڊيڪل بورڊ فاطمه سان جسماني تشدد جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو. جوابدارن کي حقيقتون مٽائڻ، لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر وري به قبرڪشائي ڪري جوابدار کي هٿيڪو ڪيو ويو۔ جڏهن ته حويلي مان سمورن ٻارن کي فوري طور ريسڪيو ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن موڪلڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا هئا۔

اهي سڀ حقيقتون سامهون هوندي به عدالتون انصاف ڏيڻ کان مجبور آهن ڇوته اسان جون عدالتون ثبوتن سان نه بلڪه سرمائيداري نظام جي ماتحت هلن ٿيون انڪري اهي سول سوسائٽيء وارا هن ظالمن جو پيڇو ڇو نه ٿا ڪن ۽ هن معصومه جي خون سان انصاف ڪرڻ لاءِ پريشر گروپ ڇونه ٿا ٺاهين۔ فاطمه جي قتل کانپوءِ وومنز ايڪشن فورم پاران سکر جي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪانفرنس ۾ فاطمه ڦرڙو ڪيس ببت قانوني سماجي ۽ صحافتي سچ بابت ڪجهه ڳالهيون طئي ٿيون هيون انهن تي عمل ڇونه ٿيو؟ ڇا انهن تي به پيرن جو دٻاء پئجي ويو جو مضبوط ڪيس جو رخ ئي تبديل ٿي ويو ۽ سڄو ڪيس هڪ لمحي ۾ لڙهي ويو۔ ڪجهه ڏينهن ۾ اهي ساڳيا ڏوهاري پير بيڏوهي ثابت ٿي واپس حويليء ۾ اچي ساڳين بي گناهه ۽ معصوم نياڻين سان ڏاڍايون ڪندا رهندا ۽ پئسن عيوض وري هڪ نئي فاطمه هوس جو نشانو بڻبي آخر هن سماج کي ڪڏهن هوش ايندو جو هنن ظالمن پيرن ۽ سردارن جي غلامي مان نجات حاصل ڪري وٺندو جيڪڏهن سول سوسائٽي باشعور آهي ته ڪيس کي وري نئين سر جانچ پڙتال هيٺ آندو وڃي ۽ انهن عادي ڏوهارين کي هرحال ۾ سزا ڏياري وڃي ته جيئن ڪا ٻي معصوم فاطمه ائين بيدردي سان نه ماري وڃي۔

آگسٽ 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو