آزاد جتوئي : ڪھاڻي ڪاڪ جي آستاني جو وساريل ڪھاڻيڪار
جھانگير عباسي
سنڌي ادب جي ڪھاڻي واري صنف ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جو منڍ کان ڪھاڻيڪارن جو وڏو حصو رھندو پيو اچي. انھن انيڪ نالن ۾ ڪھاڻيڪار آزاد جتوئي به شامل آھي، جنھن جو اباڻو ڳوٺ موجوده تعلقي باقراڻي (اڳ ڏوڪري) جي قديم تايخي سياسي ۽ مذھبي حوالي سان سموري سنڌ ۾ مقبوليت رکندڙ ڳوٺ محراب پور آھي. آزاد جتوئي جو جنم ھڪ مذھبي گھراڻي ۾ 4 مارچ 1956 تي ٿيو. ھن جو اصل نالو حضور بخش ولد الله بخش جتوئي هو. آزاد جو ڏاڏو سنڌ جو مڃيل عالم دين ۽ مذھبي اسڪالر مولوي غلام رسول جتوئي هو، جنھن جا لکيل خطبا اڄ تائين ھر جمعي نماز تي سنڌ جي مسجدن ۾ پڙھيا وڃن ٿا.
آزاد جتوئي پرائمري تعليم ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول ۽ مڊل تائين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڳوٺ بکوديرو ۾ قائم گورمينٽ اسڪول کان پوءِ مئٽرڪ گورمينٽ ھاءِ اسڪول ڏوڪري ۽ انٽر ميڊيٽ ڊگري ڪاليج ڏوڪري (موجوده حيدر بخش جتوئي ڊگري ڪاليج) مان پڙھي بي ايس سي وري گورمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو کان ڪئي جنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان ايم اي صحافت (جنرلزم)جي شعبي ۾ سن 1985 ڌاري پاس پري ماسٽرز جي ڊگري ورتي.
آزاد جتوئي تعليم دوران ئي عملي زندگي جي شروعات 1980ع ۾ رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڏوڪري ڪلارڪي سان ڪئي. 1981ع ڪراچي آيو، جتي ڪجھه وقت روزانه نواءِ وقت اردو اخبار ۾ پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏنائين، جتان پوءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيشن جي سرواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ معرفت سنڌ مدرسته اسلام ۾ کيس نوڪري ڏني وئي. گڏوگڏ ھي ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي ادبي پروگرام ”سورج شاخون ڪڍيون“ به ڪندو رھيو، پوءِ عنايت بلوچ ۽ آغاسليم جي ھمٿائڻ تي ڪجھه ٻيا پروگرام به ڪيا ۽ اسڪرپٽ پڻ لکيا. ريڊيو بعد آزاد پي ٽي وي تي سنڌي پروگرامن جو ميزبان بڻيو. ھن ادبي سماجي موضوعن تي پروگرام ڪيا، پوءِ اھو سڀ ۽ مدرسته اسلام جي نوڪري ڇڏي، نيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن کاتي ۾ مئنيجر طور ڪوئيٽا ۾ مقرر ٿيو، جتي سچائي ۽ ايمانداري سان محنت سان ڪم ڪيائين. ھو ترقي ڪري پڪڪ پرائيوٽ بينڪ ۾ 1990 دوران سينيئر وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو ۽ وڌيڪ ترقي ڪري سن 2000ع ۾ اين آءِ بي سينٽر ڪراچي ۾ پنھنجي عمر جي آخر تائين پريزيڊنٽ جي اعلي عھدي تي فائز تي رھيو.گڏوگڏ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي ادبي پروگرام ڪندو رھيو، ان کان سواءِ سگا ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري، ڪاروباري ڪاميٽي جو رڪن ۽ فنانس سيڪريٽري به رھيو. ھو سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ۽ سنڌ مدرسته السلام ڪراچي بورڊ جو سال 2005 کان سال 2008 تائين اعزازي سيڪريٽري به رھيو، جتي ڪنھن وقت ۾ ھي ملازم ٿي رھيو ھو. ساڳي وقت صحافتي دنيا ۾ مختلف اخبارن سان نه صرف لاڳاپيل رھيو پر انھن ۾ ڪالم ۽ اعزازي ايڊيٽوريل به لکيائين. پاڻ کي ھڪ سچي ۽ سڃاڻ صحافي طور مڃايو.
آزاد جتوئي سنڌي ادب جي خدمت ڪندي مسلسل ڏھن سالن تائين ماھوار ادبي رسالو ”مومل“ شايع ڪيو جنھن کي پوءِ رنگين اخبار ”مومل“ ۾ بدلايو، جيڪا سندس وني حسينه جتوئي صاحبه جي نگراني ۾ اڄ به شايع ٿئي ٿي.
آزاد جتوئي ادبي دنيا ۾ لکڻ جي ابتدا پنھنجي اسڪولي زماني کان ڪئي ۽ ان ئي دور ۾ ڏوڪري ھاءِ اسڪول ۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ۽ رضوان عمراڻي جھڙا کيس استاد مليا. ھو ڊاڪٽر درمحمد کان غير معمولي طور متاثر ٿيو ۽ ھن جو لاڙو ادب ڏانھن وريو. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان رسالي ”ڏياٽيون“جا ڪجهھ شماره به شايع ڪيا.هن لکڻ جي شروعات نثر ۾ ڪھاڻين سان ڪئي. سندس شمار ستر واري ڏھاڪي جي ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو پر درست معنيٰ ۾ ھن جي ادبي ۽ صحافتي زندگي جي ارتقا ڪراچي اچڻ بعد ٿي. جتي کيس خان محمد پنھور، شمشيرالحيدري، آغا سليم، الطاف سومرو، تاج بلوچ ۽ ميڊم مھتاب اڪبر راشدي جھڙن ماڻھن جو ساٿ ۽ سھڪار نصيب ٿيو. اتي ئي سندس نيڻن جي نينھن جو ناتو ميڊم حسينه ميمڻ سان جڙيو، پيار ۽ پريت وڌي معاملو شادي تائين پھتو، ائين ساڻس 1984 ۾ پيار جو پرڻو ڪري جيون ساٿي بڻيا.
ادبي کيتر منجھه آزاد جتوئي جي سڃاڻپ جو بنيادي حوالو ڪھاڻيڪار وارو آھي پر ساڳي وقت ھو نثر نگار، ڪالم نگار، صحافي، ريڊيو ٽي وي ڪمپئير، سماج سڌارڪ به ٿي رھيو. سندس لکيل ڪھاڻين جو تعداد پنجاھ جي لڳ ڀڳ آھي، جيڪي ماھوار ھلال پاڪستان، عبرت، مھراڻ، ساڃاھ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون. ھن جي ھمعصر ليکڪن ڪھاڻيڪارن ۾ ابراھيم خشڪ، شعبان وسطڙو، اڪبر سومرو، خادم ٻگھيو، فاوق سولنگي، احمد علي، صابر چانڊيو ۽ منظور ڪوھيار وغيره آھن. پر آزاد پنھنجي اسلوب سان ڪھاڻي کيتر ۾ پاڻ مڃائڻ جي ڪئي جنھن ۾ کيس گھڻي ڀاڱي ڪاميابي به ملي پر ھو پنھنجين بدلجندڙ معاشي حالتن سبب ادب ۾ مستقل طور ڪھاڻيون لکندڙ ڪھاڻيڪار نه بڻجي سگھيو. اھوئي ڪارڻ آھي ته آزاد جو ڪھاڻيڪارن منجھه ذڪر نه ٿيڻ برابر رھندو آيو آھي جيڪا آزاد سان سراسر ناانصافي سمجھان ٿو. ايستائين جو لاڙڪاڻي ضلعي حوالي سان ڪجھه ادارن پاران ترتيب ڏنل ڪھاڻيڪارن وارن ڪتابن ۾ به آزاد جتوئي جو ڪو به حوالو يا ذڪر نٿو ملي ۽ نه وري کيس ڪنھن به ادبي فورم پاران اڄ تائين کيس ياد ڪيو ويو آھي جنھن سنڌي ادب کي ”ٽي ٽٻڪا، مان وري موٽي ايندس، جئيڻ ناھي وس، وڏا ماڻھو“ ۽ ٻيون ڪئي يادگار ڪھاڻيون ڏنيون آھن.
ادبي ورثي طور سندس وفات جي ٻن سالن بعد ھن جي وني حسينه جتوئي سندس ٽڙيل پکڙيل ڪھاڻين کي محترم مختيار احمد ملاح ۽ ميڊم مھتاب اڪبر راشدي جي سھڪار سان ھٿ ڪري شمشرالحيدري جي ترتيب ھيٺ ڪھاڻي ڪتاب ”ڏکيو ڏيهھ – سندر سپنا“پنھنجي اداري مومل پبليڪيشن پاران 2011 ۾ شايع ڪرايو آھي جنھن۾ آزاد جي 27 ڪھاڻين سميت آغاسليم، ڊاڪٽرسليمان شيخ، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ميڊم مھتاب اڪبر راشدي، نثارميمڻ، شمشيرالحيدري جا تاثرات شامل آھن جيڪو آزاد جي شخصيت حوالي سان پڻ انتھاتي اھم ڪتاب آھي .آزاد جتوئي شخصي طور انتھائي محبتي دوستن جو دوست ھو، سڀ سان پنھنجائپ رکندڙ ھمدرداڻي ورتاءَ سان پيش ايندڙ، اجايو سستي شھرت کان پري رھي ڪم ڪندڙ ھڪ انتھائي نفيس ۽ محبتي انسان هو.
آزاد جتوئي سنڌي ادب جي خدمت ڪندي مسلسل ڏھن سالن تائين ماھوار ادبي رسالو ”مومل“ شايع ڪيو جنھن کي پوءِ رنگين اخبار ”مومل“ ۾ بدلايو، جيڪا سندس وني حسينه جتوئي صاحبه جي نگراني ۾ اڄ به شايع ٿئي ٿي. آزاد جتوئي ادبي دنيا ۾ لکڻ جي ابتدا پنھنجي اسڪولي زماني کان ڪئي ۽ ان ئي دور ۾ ڏوڪري ھاءِ اسڪول ۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ۽ رضوان عمراڻي جھڙا کيس استاد مليا. ھو ڊاڪٽر درمحمد کان غير معمولي طور متاثر ٿيو ۽ ھن جو لاڙو ادب ڏانھن وريو. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان رسالي ”ڏياٽيون“جا ڪجهھ شماره به شايع ڪيا.هن لکڻ جي شروعات نثر ۾ ڪھاڻين سان ڪئي. سندس شمار ستر واري ڏھاڪي جي ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو پر درست معنيٰ ۾ ھن جي ادبي ۽ صحافتي زندگي جي ارتقا ڪراچي اچڻ بعد ٿي.
آگسٽ 26, 2024