بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستان شاهينز جي اسڪواڊ جو اعلان

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش اي خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان شاهينز جي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
14 رڪني اسڪواڊ ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ عبدالفصيح، عرفات منهاس، فيصل اڪرم، حسيب الله، جهانداد خان، محمد عباس آفريدي، محمد عرفان خان، محمد عمران جونيئر، مبصر خان، عمير بن يوسف، عثمان خان، مهراڻ ممتاز ۽ اذان اويس شامل آهن.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ميچ 26 آگسٽ، ٻي ميچ 28 ۽ ٽين 30 آگسٽ تي کيڏي ويندي، ٽئي ميچون اسلام آباد ڪلب ۾ ٿينديون.

آگسٽ 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو