بنگلاديش سٺي بالنگ ڪئي، وڪيٽ گذريل ميچن جي ڀيٽ ۾ مختلف هئي: صائم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پنڊي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ففٽي اسڪور ڪندڙ صائم ايوب چيو آهي ته شروع ۾ وڪيٽ ڏکي هئي، پارٽنرشپ ٺهڻ تي بهتر ٿي.
پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي صائم ايوب چيو ته ڪوشش هئي وڏو اسڪور ڪيون پر ڪڏهن ڪڏهن هر شئي ممڪن ناهي هوندي، ڪوشش ڪئي سين ته پارٽنر شپ ڊگهي ٿئي.
هن چيو ته بنگلاديش تمام سٺي بالنگ ڪئي، شروع ۾ موقعو نه مليو پوءِ اسان ڪم بيڪ ڪيو، راولپنڊي جي وڪيٽ گذريل ميچن جي ڀيٽ ۾ مختلف هئي.
واضح رهي ته پنڊي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 16 رنسن تي 3 وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ صائم ايوب ۽ سعود شڪيل ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي سنڀاليو.
ٻنهي ففٽيون اسڪور ڪيون، صائم ايوب 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته سعود شڪيل 57 ۽ محمد رضوان 24 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.
پاڪستان پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي 4 وڪيٽن تي 158 رنسون ٺاهيون.