قومي مينز ۽ وومينز ٽيمن لاءِ ڪوچن جي ڳولا شروع

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ مختلف ڪوچز جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڪوچز جي ڳولا لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب، وائيٽ بال ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ ۽ مينٽل پرفارمنس ڪوچ جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته وائيٽ بال ٽيم لاءِ اسپيشل اسڪلز ڪوچ به مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سائمن هيلمٽ فيلڊنگ ڪوچ هو جڏهن ته عالمي ڪپ دوران ڊيوڊ ريڊ جون مينٽل پرفارمنس ڪوچ لاءِ خدمتون حاصل ڪيون ويون هيون.
پي سي بي خواهشمند اميدوارن کي چار سپٽيمبر تائين درخواستون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

آگسٽ 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو