بلوچستان جون سياسي حالتون
رياض ابڙو
سڄي سيڙپڪاري ۾ چين جو ساھ مُٺ ۾ هجي ٿو، ان ڪري جو بگڙجندڙ صورتحال گوادر جي پروجيڪٽ کي منجهائي ٿي وجھي، ان ته بلوچستان جي مقامي ماڻهن کي اهو ديرينا حق ملي نه ٿو يا نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن جي لاءِ اهي وقتن بوقتن اهي اک پٽيندا ٿا رهن، جنهن ۾ ملاحن وارو مسئلو، يا هاڻي ريڪوڊيڪ يا سينڊيڪ. پر ڳالهه اها به آهي ته جيستائين بلوچن جو حالتون نه ٿيون سڌرن، تيستائين حڪومت به اهڙن پروجيڪٽس جي ساک نه ٿي ڏئي سگهي، ان ڪري هاڻي اهڙي لُٽَ ڦُرَ مقامي ماڻهن کي چيڙائي ٿي وجهي، جنهن جو بار رڳو حڪومت جي مٿي تي آهي يا اهي ئي ڪري سگهن ٿا يا نه ٿا ڪري سگهن يا انهن جي نيت ۾ ڦندڦير آهي.پر اها ڳالهه به مڃڻ گهرجي ته لٽريسي ريٽ جو گھٽ هجڻ پنهنجي جاءِ تي، پر اتي سوشل ميڊيا جي جاڳرتا يا مهم جوئي، شين جي جيئن جو تيئن پڄڻ، ماڻهن تائين حق سچ پڄائڻ، ترت قدم کڻڻ، ڳالهيون جلدي هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تائين پڄائڻ هاڻي ايترو وڏو مسئلو يا مونجهارو ناهي، هاڻي ماڻهن کي پل پل جي خبر ڏيڻ به وڏي آسان ٿي پئي آهي. ان ڪري سوشل ميڊيا جي لاءِ وڏي پڙهائي يا ڊگري جي ضرورت ناهي، ان ڪري ماڻهن کي انهن جي حقن جي جاڳرتا ڏيڻ وڏو آسان ڪم ٿي پيو آهي (فاير وال هڪ ٻيو بحث آهي)، جنهن ۾ وائيس نوٽ ڏيڻ، ميسيجز ڏيڻ به ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ٿو ڪري. بلوچستان جي ماڻهن ۾ جاڳرتا جو هجڻ هاڻي انهن جي لٽريسي ريٽ سان ڳنڍيل ناهي، ان ڪري هاڻوڪي مسئلن تي اٿي پوڻ به انهن ڳالهين جو ثبوت آهي ته بلوچستان جاڳي ٿو، يا جيڪي بلوچ شاگرد، اڳواڻ، سياستدان يا سوشل ايڪٽوسٽ ٻين صوبن يا ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا، اهي وري اهڙيون ياداشتون به بين الاقوامي ادارن ۾ جمع به ڪرائيندا رهن ٿا، جيڪي پڻ اهڙي جاڳرتا جو سبب بڻجن ٿا، جنهن جي ڪري شيون اڳ جي نسبت بهتر آهن. ان ڪري هاڻي آسان ناهي جو انهن بلوچن جي زمين جي هيٺان گئس ڪڍي وڃن ۽ اهي چپ ڪري ويهي رهن. ان ڪري اتان جو مقامي ماڻهن ۾ ان ڳالهه جي ڪاوڙ هاڻي وڌندي ٿي وڃي ۽ حڪومت هاڻي ٻه قدم اڳتي وڌي انهن شين کي منهن ڏئي. اهي بلوچ هاڻي به چون ٿا ۽ انهن گوگن ۽ خاموش بلوچن جا لکيل ”بينر“ به هاڻي ڳالهائن ٿا ته گوادر کي حق ڏيو. مقامي ماڻهو هاڻي هر ڳالهه سمجهي ٿو، سڀ ڪو هاڻي سياست ڊرائنگ روم ۾ ويهي نه ٿو ڪري پر بلوچ روڊن تي نڪتل آهي. نوشڪي، پنجگور ۽ ڪيچ وارن ضلعن ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا ۽ حملا به ان ڳالهه جو ثبوت هيا ته ماڻهو حڪومت جي ڳالهين ۽ مقامي ماڻهن جي حالتن سڌارڻ لاءِ جيڪي قدم کڻن ٿا اهي ماڻهن کي سمجھ ۾ اچن ٿا. بلوچستان جي ماڻهن جو هاڻي اسلام آباد جي واعدن ۽ اقرارن تي اعتبار ناهي رهيو، ڇو ته هاڻي ته حڪومت سان گڏ انهن مقامي ماڻهن مخالف ڌر جي ڪوڙن ۽ ميڊيا جي ٺڳين کي به سمجهي ورتو آهي. بلوچ اڳواڻ ۽ مرڪزي سياست بلوچستان جي ماڻهن سان سچي ناهي ۽ نه ئي اهي ڪڏهن سچ ڳالهائي سگهن ٿا. ان ڪري سيڪيورٽي جي مسئلن سبب بلوچن ماڻهن جو اعتبار ڏينهون ڏينهن کڄندو ٿو وڃي. جن جو اهو خيال آهي ته سي پيڪ جي ڪري مقامي ماڻهن سان مسئلا وڌي ويا آهن ۽ اهي خطري ۾ پئجي ويا آهن. جنهن جي ڪري عسڪري ادارن جي اڳواڻ ايف سي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندا رهن ٿا ته جيئن انهن مقامي ماڻهن، حڪومتي ڌرين، عسڪري ادارن جي وچ ۾ پيدا ٿيل وٿي ڀري سگهجي ۽ مقامي ماڻهن جو اعتبار بحال ڪري سگهجي، نه ته ٻي صورت ۾ سڀ کان وڏو ڌڪ گوادر جي پروجيڪٽ کي ئي رسندو (ڀلي ايئرپورٽ جو افتتاح به ٿئي) جنهن تي چين جا اربين ڊالر لڳل آهن ۽ ان کان علاوه ان ۾ روس ۽ خود پاڪستان جي جياپي جو به سوال اٽڪيل آهي، جنهن جي لاءِ مقامي ماڻهن جي بنيادي سهولتن جو خيال رکڻ حڪومت جي منصوبن جو هلڻ جو سرٽيفڪيٽ پڻ هوندو.
آگسٽ 18, 2024