ارشد نديم پاڪستانين کي آزادي ڏهاڙي جو خوبصورت تحفو ڏنو: باک پيرزادو

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ٽي وي اينڪر پرسن باک پيرزادو چيو آهي ته اولمپڪس ۾ ارشد نديم 24 ڪروڙ پاڪستانين کي آزادي ڏهاڙي جو تحفو ڏنو، هو سٺو انسان، محب وطن ۽ پرجوش آهي ۽ ان مقام تي پهچڻ ۾ ان جي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ آهي.
ارشد نديم کي خراج تحسين پيش ڪندي باک پيرزادو چيو ته اولمپڪس ۾ ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽي سڄي دنيا ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري ڇڏيو، شاندار ڪاميابي سان ارشد نديم قوم جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري ڇڏيو، شاندار اولمپڪس رڪارڊ ۽ ڊگهو ترين جيولن ٿرو ڪرڻ وڏو ڪارنامو آهي.
هن چيو ته هر پاڪستاني کيس خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي، پيرس ۾ قومي تراني جي گونج ۽ قومي پرچم جي لهرائڻ ثابت ڪيو ته پاڪستان هڪ انتهائي باصلاحيت قوم آهي، هتي هر رانديگر ڏکين ترين حالتن باوجود پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ ڄاهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پيرس اولمپڪس ۾ قومي پرچم لهرائي ارشد نديم پاڪستانين کي آزادي ڏهاڙي جو خوبصورت تحفو ڏنو، ارشد نديم جي ڪارنامي تي هر پاڪستاني کي فخر آهي، اهو پاڪستان لاءِ تاريخي آهي، اسان کي پنهنجي نوجوان نسل جي صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻو پوندو، حڪومت نوجوانن جو راندين ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪري.

آگسٽ 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو