شرابي ۽ مُجرو ڏسندڙ ماڻهو به اداڪارائن جي لباس تي تنقيد ڪن ٿا: مٿيرا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مٿيرا چيو آهي ته عورتن ۽ خاص طور اداڪارائن جي لباس تي اِهي ماڻهو تنقيد ڪندا آهن جيڪي پاڻ راتين جو شراب پِي مُجرا ڏسندا آهن.
مٿيرا ويجهڙائي ۾ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن جي مختصر وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي لباس تي ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان تفصيلي گفتگو ڪئي آهي.
اداڪارا چيو ته سندس پيدائش ۽ زندگيءَ جا شروعاتي سال آفريڪي ملڪ زمبابوي ۾ گذريا، جتي ڪنهن جي شخصيت بابت ڄاڻڻ جا طريقا مختلف هئا.
هن چيو ته پاڪستان به شخصيت جي ڇنڊڇاڻ ۽ پرکڻ جا طريقا بلڪل ابتڙ آهن، هتي ته ڪنهن جو لباس ڏسي فيصلو ڪيو ويندو آهي فلاڻو هنيئن آهي.
مٿيرا چيو ته جيڪڏهن ڪا پرڏيهي سياح عورت پاڪستان ۾ ننڍا ڪپڙا پائي تي اِها ويچاري سمجهي ويندي آهي پر مقامي عورتن کي غلط سمجهيو ويندو آهي.
هن ماڻهن جي اهڙي رويي کي منافقت قرار ڏيندي سوال اُٿاريو ته اداڪارائن وٽ دِل ناهي سندن ڪائي خواهش ناهي ته هو سٺو لباس پائين؟
هن وڌيڪ چيو ته اداڪارائن جي لباس تي اُهي ماڻهو وڌيڪ تنقيد ڪندا آهن جن جي هٿ ۾ شراب هوندو آهي يا وري هو رات جو مُجرا ڏسندا آهن.
