رسول بخش پليجي جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ڏوڪري ۾ دعوتون ڏنيون ويون
ڏوڪري (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر ، ضلعي صدر علي حسن وڪو، ذوالفقار ميراڻي ۽ علي رضا جلباڻي پاران رسول بخش پليجي جي ورسي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڏوڪري ۾ دعوتون ڏنيون عوامي تحريڪ جي وفد پاران مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر ، ضلعي صدر علي حسن وڪو، ذوالفقار ميراڻي ۽ علي رضا جلباڻي جي اڳواڻي ۾ 7 جون تي ٿيندڙ محترم رسول بخش پليجي جي ورسي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڏوڪري جي سياسي، سماجي ۽ صحافي شخصيتن کي دعوتون ڏنيون ويون.
دعوتن جي سلسلي ۾ ڪامريڊ حيدر جويو، صحافين قاضي آفتاب جوڻيجو، قاضي فريد، علي اصغر ميمڻ، امتياز حسين ڪولاچي، عبدالقيوم جوڻيجو، ايڊووڪيٽ امداد جويو، ليکڪ نويد سنديلو، ايڊووڪيٽ الطاف حسين کوکر، استاد منير احمد گلال، يار محمد گاڏھي، ۽ ٻين کي دعوتون ڏنيون ويون. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر ، ضلعي صدر علي حسن وڪو، ذوالفقار ميراڻي ۽ علي رضا جلباڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رسول بخش پليجي جي پنجين ورسي 7 جون اربع جي ڏينهن تي ڳوٺ منگر خان پيلجو بدين ۾ ملهائي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجو عظيم انقلابي ليڊر سان گڏوگڏ دانشور، مفڪر، محقق، قانوندان هو. هنن چيو ته رسول بخش پليجو جهموريت جي بحالي لاءِ پاڻ ٽوڙيندي عورتن، ٻارن، شاگردن ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪيو هو،
جُون 6, 2023