پ پ کان ناراضِ مخدوم خاندان

Spread the love

بخت بوزدار

مخدوم جميل الزمان ڪجهه ڏينھن کان جارحاڻي موڊ ۾ آھي،ھو جنھن به گڏجاڻي يا تقريب ۾ وڃي ٿو اتي کلي ڪري نه صرف پ پ جي ليڊرشپ کي تنقيد جو نشانو بڻائي رھيو آھي پر اتي ھو سنڌ حڪومت کي دٻيل لفظن ۾ بيڊ گورننس جو ذميوار به قرار ڏئي رھيو آھي، مخدوم جميل پ پ جو سينيئر اڳواڻ آھي جنهن ڪڏھن به اھڙي جارهاڻي لفظن جي گولا باري نه ڪئي ھئي پر ڪجهه ڏينهن کان اھڙي بيان بازي پٺيان اھم سبب آھن.

ذريعن موجب سنڌ حڪومت ۾ ھن وقت فار ورڊ بلاڪ ٺھي چڪو آھي جنھن جو اصل سبب ھڪ وزير آھي جنھن پ پ جي سينيئر ۽ شھيد بينظير جي ويجھو رھندڙ خاندانن کي سائيڊ لائين ڪرڻ لاءِ اندروني سازشون ڪيون آھن ۽ ان بعد ھاڻ ري ايڪشن اچڻ شروع ٿي ويو آھي، ھاڻ پ پ ۽ مخدوم خاندان جو اڳتي گڏ ھلڻ ھڪ وڏو سوال آھي، ڀل ننڍو مخدوم فخر الزمان اچي ترديد ڪري پر ھاڻ پاڻي سر کان تار آھي، اھو به ياد رکڻ گھرجي ته جيڪڏھن مخدوم خاندان پ پ کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو يا پ پ مخدومن کي پارٽي مان نيڪالي ڏني ته پوءِ ڪجهه ٻيا به اھڙا خاندان آھن جيڪي پ پ کي الوداع چئي وري ڪنھن ٻي ٻيڙي ۾ سوار ٿيندا، جيڪڏھن مخدوم خاندان ۽ پ پ جي مٿين قيادت ۾ ٺاھ ٿئي ٿو ته پوءِ  ممڪن آھي اھو وزير صاحب شايد وزارتن تي نه رھي جنھن مخدوم کي ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو آھي.

پيپلز پارٽي ۽ مخدوم خاندان جو جيتوڻيڪ ھڪ تمام پراڻو ۽ گھرو تعلق رھيو آھي، مخدوم طالب المولي کان ويندي مخدوم امين فھيم تائين ۽ ھاڻ جميل الزمان پاڻ پڻ جو حصو آھي، محترمه جي شھادت کان پوءِ مخدوم خاندان مختلف وقتن تي چيو آھي ته ھنن کي اھا اھميت ۽ حيثيت موجوده پارٽي قيادت ۾ ناھي ڏني وئي جيڪا ھنن کي ملڻ گھرجي ھا. پارٽي جي جونئير ماڻھن کي اڳتي ڪري سينيئر اڳواڻن ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي وفادارن کي ڀت سان لڳايو ويو آھي. جيڪڏھن ڏسجي ته

مخدوم جميل الزمان ھاڻ به پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي آھن پر گذريل پ پ جي حڪومت ۾ ھو صوبائي ڪابينا جو حصو ھو ۽ کيس ھڪ وزارت به مليل ھئي ،ان دوران به ھو اختيارين جي حوالي سان خوش نظر نه ايندو ھو، جيئن آئون مٿي ڳالهه ڪري آيو آ ته ھن وقت مخدوم خاندان پ پ کان ناراضِ ته آھي ئي آھي پر پراڻا جيڪي راز آھن انھن کي به مخدوم جميل الزمان آڏو آڻي رھيو آھي، ڪجهه ڏينهن اڳ مٽياري ۾ ھڪ صحافي بشير ميمڻ جي گورنر سنڌ ٿيڻ بابت پڇيل سوال تي ھن جواب ڏيندي پھريان اھو چيو ته اھا خبر ڪوڙي آھي جيڪا سنڌ حڪومت جي ھڪ وزير طرفان ميڊيا تي ھلرائي وئي، ھن چيو ته بشير ميمڻ جا اختلاف فريال ٽالپر سان ھئا جيڪڏھن ھو گورنر ٿئي ٿو ته کيس ڪو اعتراض نه ھوندو، ان سوال جي جواب ۾ ئي مخدوم جميل الزمان اھم ڳالهه ڪئي ته شھيد بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي جيڪي گاريون ڏيندا ھئا اھي ته اڄ سنڌ حڪومت ۾ اھم عھدن تي ويٺل آھن، بشير انھن جي ڀيٽ ۾ اھڙو ڪجهه ناھي ڪيو . مخدوم جميل الزمان جي اھڙن بيانن ۽ سنڌ حڪومت کي ڌاڙيلن آڏو بيوس قرار ڏئي فوج کان مدد طلب ڪرڻ سميت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ واري اپيل کان پوءِ ذريعن موجب پ پ قيادت ۾ ٻڙڌڪ متل آھي ۽ ڪجهه پ پ جي اڳواڻن مخدوم جميل الزمان کي پارٽي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

جيڪڏھن ٿورو ويھي سوچجي ته امن امان جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون جميل الزمان ڪيون آھن اھي درست ته آھن،سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ماٺو ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي، اغوا ،ڦر، ڀتا خوري ۽ قتلام روز جو معمول بڻيل آھي، سنڌ حڪومت ته ھن وقت تائين شھيد صحافي جان محمد مھر، نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ناھن ڪيا ۽ نه ئي 3 سال اڳ سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نينگري پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي سگھي آھي. امن امان جي خراب صورتحال تي پ پ کي به ڪجهه سچ قبول ڪرڻ گھرجي.

ٻئي پاسي اھي به ڳالهيون آھن ته مخدوم خاندان پاڻ به اختلافن جو شڪار آھي،پ پ حڪومت جميل الزمان کي ڀت سان لڳائي مخدوم فخر الزمان ۽ سندس والد کي اڳتي آڻڻ جي ڪري ئي جميل الزمان کي نظرانداز ڪري رھي آھي، جيڪڏھن ويجھي ماضي ۾ ڏسجي ته پ پ اھڙا تجربا ڪيا آھن جن ۾ گھوٽڪي جو مھر خاندان ھجي يا راھمون خاندان ھجي انھن سان پ پ پاران اھڙا تجربا ڪري گھر ۾ ۽ خاندان جي ماڻھن کي آمھون سامھون ڪيو، سو ھاڻ ڏسجي مخدوم خاندان سان ڇا ٿو ٿئي ھو پ پ ۾ رھن ٿا يا اھا خاندان ۾ ٻه اڌ ٿي ايندڙ اليڪشن ۾ ھڪٻئي جو سامھون ايندا .

ٻئي پاسي اھي به ڳالهيون آھن ته مخدوم خاندان پاڻ به اختلافن جو شڪار آھي،پ پ حڪومت جميل الزمان کي ڀت سان لڳائي مخدوم فخر الزمان ۽ سندس والد کي اڳتي آڻڻ جي ڪري ئي جميل الزمان کي نظرانداز ڪري رھي آھي، جيڪڏھن ويجھي ماضي ۾ ڏسجي ته پ پ اھڙا تجربا ڪيا آھن جن ۾ گھوٽڪي جو مھر خاندان ھجي يا راھمون خاندان ھجي انھن سان پ پ پاران اھڙا تجربا ڪري گھر ۾ ۽ خاندان جي ماڻھن کي آمھون سامھون ڪيو، سو ھاڻ ڏسجي مخدوم خاندان سان ڇا ٿو ٿئي ھو پ پ ۾ رھن ٿا يا اھا خاندان ۾ ٻه اڌ ٿي ايندڙ اليڪشن ۾ ھڪٻئي جو سامھون ايندا .

آگسٽ 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو