ڊرامن ۾ تشدد ۽ مظلوم ڇوڪريون ڏسڻ جو نشو زور تي آهي: اداڪار محمد احمد
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪار محمد احمد چيو آهي ته ماڻهن کي ڊرامن ۾ تشدد برداشت ڪندڙ ۽ مظلوم ڇوڪريون ڏسڻ جو نشو ٿي ويو آهي ۽ جڏهن ڪنهن ڊرامي ۾ خود مختيار ۽ مضبوط عورت ڏيکاري ويندي آهي ته چينل مٽجي ويندا آهن.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت دوران اداڪار محمد احمد چيو ته اسڪرين تي ڇوڪريءَ تي تشدد ٿيندو رهي، مظلوم ڇوڪري ڏيکاري وڃي يا وري گھڻي رومانوي ڪهاڻي ڏيکاري وڃي ته ماڻهو ڏسندا رهندا، پر جڏهن ڪنهن ڊرامي ۾ ڇوڪريءَ کي خودمختيار ۽ مضبوط ڏيکاريو وڃي ته ماڻهو چينل مٽائي ڇڏيندا آهن.
هن چيو ته متان ماڻهو اسان جو معاشرو ڏيکاريندا هجن جيستائين اسان تي ظلم ٿيندو رهي اسان صحيح رهندا آهيون ۽ جڏهن اسان کي ٻن منٽن لاءِ پاور ملي وڃي ته اسان جي دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي.
