سکر پوليس جون سماجي براين خلاف ڪارروايون، 2 جوابدار گرفتار
سکر(رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ )سکر پوليس جون سماجي براين خلاف ڪارروايون، 2 جوابدار گرفتار، شراب ۽ نشي آورسامان هٿ، ڪيس داخل تفصيل موجب سکر پوليس جو سماجي براين جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي، گذريل ڏينهن گشت دوران سکر جي قاسم آباد مارڪيٽ ڀرسان پراڻي مڇي مارڪيٽ واري علائقي ۾ اي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار غلام مرتضيٰ ولد خدا بخش ماڇي ويٺل چونو بٺو کي گرفتار ڪري ورتو.جوابدار جي قبضي مان شراب جون 3 بوتلون هٿ ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ پوليس اي سيڪشن ٿاڻي تي 3/4 تحت ڪيس نمبر 150/2023 داخل ڪيو ويو جڏهن ته ساڳئي ٿاڻي جي پوليس گشت دوران هڪ جوابدار جميل احمد ولد آفتاب احمد ڀٽو ڀٽا روڊ سکر جي رهواسي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 188 پڙيون اديب پان پراگ هٿ ڪري کيس پوليس اسٽيشن اي سيڪشن سکر ۾ لاڪپ ڪري مٿس ايف آءآر نمبر /2023 قلم 8MSSGM ايڪٽ 2019 هيٺ داخل ڪيو آھي۔
جُون 5, 2023