پي ٽي آءِ دور ۾ سول ايواڊ ماڻيندڙ مهوش جو سياڻپ سان جواب
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مهوش حيات تحريڪ انصاف بابت سوال جو مختصر جواب انگريزي محاورو استعمال ڪندي ڏنو. گذريل ڏينهن اداڪارا مهوش حيات عيد الاضحيٰ تي نمائش لاءِ پيش ٿيندڙ ملٽي ڊائريڪٽرز جي فيچر فلم ”تيري ميري ڪهاني“ جي ٽريلر لانچ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اداڪارا ريڊ ڪارپيٽ تي پهتي ته هن ميڊيا سان به ڳالهايو، جنهن دوران هڪ صحافي مهوش حيات کان پي ٽي آءِ جو نالو وٺڻ کانسواءِ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون تي تبصرو ڪرڻ جو سوال ڪيو. صحافي سوال ڪيو ته هڪ سياسي پارٽي توهان کي سول ايوارڊ سان نوازيو ۽ اڄ اها ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، ان بابت توهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟ ان سوال جي جواب ۾ اداڪارا مهوش حيات چيو ته تنقيد اسان جي زندگي جو اهم عنصر آهي.
