پاڪستان کي انڊونيشيا جهڙن سچن سياستدانن جي ضرورت آهي
سڪندر چنو
دنيا جي وڏي اسلامي ملڪ انڊونيشيا ۾ فوج ۽ سياستدانن جو گڏيل ڪوششن سان ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ وڏو مثال آهي. اهوئي سبب آهي جو اڄ انڊونيشيا ۾ فوج کي عوام وڏي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسي رهيو آهي. ڏٺو وڃي ته انڊونيشيا کي آزاد ڪرائڻ ۾ صرف فوج جو ڪردار ناهي يا صرف سياستدانن جو ڪردار ناهي بلڪه فوج سياستدانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ۽ سياستدانن به فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هڪ مثالي اتحاد قائم ڪري ملڪ کي دنيا جي اولهه وارن قوتن کان آزاد ڪرائي ورتو.
جيڪڏهن پاڻ ٿوري تاريخ تي نظر ڊوڙائينداسين ته سوڪارنو پترو، محمد حتا، سوتان سجا حرير تان مالاڪا، آغسي سليم ۽ عبد الموعيس جهڙن محب وطن سياستدانن ملڪ ۾ عوام کي جاڳائڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو ۽ وري ٻئي طرف ميدان جنگ ۾ فوج جا اعليٰ آفيسر جن ۾ جنرل سودير مان، جنرل اوريپ سويمو هار جو کان علاوه ٻين به فوجي آفيسرن ميدان جنگ ۾ انگريز سامراج سان وڙهندا رهيا نيٺ وڏين قربانين کان پوءِ ملڪ کي آزاد ڪرائي ورتو. اڄ اهي سياستدان ۽ فوجي ملڪ جي لاءِ قومي هيرو جي حيثيت سان پڙهيا ۽ سڃاتا وڃن ٿا. تعجب ڏيندڙ ڳالهه اهيا آهي ته آزادي کان پوءِ فوج ملڪ جي سياستدانن کي اڪيلو بي يارو مددگار طور ڇڏي سرحدن جي حفاظت يا عيش ۽ آرام جي زندگي ڪونه گذاري. پر انڊونيشيا جي فوج ملڪ کي ترقي يافتا بنائڻ ۽ دنيا لاءِ مثال پيدا ڪرڻ لاءِ صرف ملڪ جي دفاع لاءِ پاڻ کي محدود ڪونه رکيو پر سياستدانن، عوامي اڳواڻن ۽ بيورو ڪريسي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائيندي ملڪ جي انفرا اسٽڪچر جي نئين سر تعمير لاءِ ۽ ترقي لاءِ شانه بشانه ڪم ڪيو ۽ نهايت مخلصي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪيو ۽ فوج ڪرپشن کان هٽي ڪري ملڪ کي اهڙي ته ترقي ڏياري جو دنيا ۾ هڪ مثال قائم ڪيو ويو ۽ اڄ دنيا مجبور ٿيندي انڊونيشيا جون ٺهيل شيون خريد ڪرڻ تي مجبور آهي.
پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيندي ڏسون ٿا. جنهن کي به پاور واري ڪرسي ملي ٿي ان ملڪ کي نه بخشيو آهي. ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اهي پنهنجي ڌرتيءَ جا ڄاوا ڪونه آهن يا انهن کي پنهنجي ڌرتي ۾ دفن ٿيڻو ئي ناهي. بحرالحال جنگ کان پوءِ ملڪ جي پري پري ۽ مشڪل ڳوٺن ۽ واهڻن تائين فوج پهچي اتان جي عوام کي تڪليفن مان ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ انهن ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ فوج اسڪول، اسپتالون ۽ پڪا روڊ رستا تعمير ڪيا ۽ عوام کي هر گهر ۾ بجلي پهچائي ڏني وئي ته جيئن ماڻهون خوشحال ٿيندي زراعت وسيلي ملڪ کي پاڻ ڀرو ڪري سگهن. ۽ انڊونيشيا جي فوج ملڪ جي ڪنهن به زمين تي قبضو ڪونه ڪيو. حالانڪه ڏٺو وڃي ته انڊونيشيا ۾ پاڪستان ملڪ ڀلاري جي مقابلي ۾ قدرتي وسيلا به ناهن. پاڪستان وٽ الله پاڪ جي هر نعمت موجود آهي.
پاڪستان کي انڊونيشيا جهڙن سچن حڪمرانن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن پاڪستان کي سچا ۽ وفادار عوامي حڪمران ملي وڃن ها ته اڄ پاڪستان دنيا ۾ خوشحال ٿيندڙ ملڪ طور تصور ڪندي مثال قائم ٿي وڃي ها. پاڪستان جي بدقسمتي آهي جو ملڪ کي ڪوبه سچو ۽ وفادار حڪمران نه ملي سگهيو.
آخر پاڪستان ۾ انڊونيشيا جيان ڪڏهن انقلاب ايندو؟ انڊونيشيا جي صدر يورپ ۾ ڏٺو ته ماڻهو ڏاڍي خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن. قانون سڀني لاءِ برابر آهي ڪوبه با اثر ناهي سڀ هڪ جهڙا آهن. پر پاڪستان ۾ قانون صرف غريب لاءِ آهي. ڏاڍي لاءِ نه. هن ملڪ ۾ وڻ وڍڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. جيڪو به وڻ وڍيندو ان کي 10 سال قيد جي سزا هوندي. سندس اندر ۾ غرور ۽ تڪبر نه هيو. هن مريضن ۽ شاگردن لاءِ مفت علاج ۽ تعليم لاءِ هڪ ڪارڊ جاري ڪيو هن ملڪ مان غربت، افلاس، بيروزگاري ۽ جهالت کي ختم ڪيو. هن فيصلو ڪيو ته ملڪ مان ڪرپشن کي زيرو رکڻو آهي تڏهن ملڪ ترقي ڪندو ۽ ڪامياب ويو. ملڪ جي انفرااسٽڪچر کي بهتر ڪيو ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي بهتر ڪيو. صدر جوڪو انڊونيشيا ۾ بندرگاهه، هوائي اڏا، پاڻيءَ جا ڊيم، وڏا وڏا بجلي گهر ته جيئن عوام کي سستي ۽ بهتر بجلي ملي سگهي ٺهرايا، روڊ رستا ۽ نيشنل هائي وي بهتر ڪوالٽيءَ جا ٺهرايا، دريائن ۽ ڪئنالن تي پليون ٺهرايون. هن هڪ وڏو ڪم ڪيو جنهن سبب ملڪ خوشحالي سبب ترقي ڪندو ويو هن ملڪ جي طاقتور ڪاروباري شخصيتن ۽ ٻين پئسي واري ماڻهن کي حڪومت جي اهم معاملن ۾ شامل ڪيو جنهن سان ملڪ وڏي معاشي ترقي ڪندي دنيا ۾ اڀريو. 2014 ۾ انڊونيشيا جي جي ڊي پي 890 ارب ڊالر هئي جيڪا هاڻي وڌي ڪري 1 ٽريلين 500 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪي آهي جيڪا وڏي تعجب ڏيندڙ ڳالهه آهي. بحرالحال 9 سالن ۾ جي ڊي پي 43 سيڪڙو وڌي. هن وقت انڊونيشيا دنيا جي معيشتن ۾ 5 نمبر تي موجود آهي. آءِ ايم ايف جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 50 سالن تائين انڊونيشيا جي معيشت دنيا ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويندي. هن وقت انڊونيشيا ۾ 13000 جزيرا آهن. هي دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان چوٿون نمبر وڏو ملڪ آهي. انڊونيشيا ۾ قدرتي ڌاتو نڪل جا سڀ کان وڏا ذخيرا موجود آهن جنهن سان اسٽيل، بيٽريون ۽ ٻيون شيون ٺاهيون وينديون آهن. هن اعلان ڪيو ته نڪل ڌاتو جا ڪي به ذرا ٻاهر نه موڪليا ويندا.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخرڪار پاڪستان جا حڪمران ۽ اشرافيا انڊونيشيا جيان ملڪ کي ڪڏهن ترقي جي راهه تي گامزن ڪندا. پاڪستان کي آزاد ٿيندي تقريبن هڪ صدي ٿيڻ واري آهي پر ايشيا ۾ پاڪستان ئي واحد ملڪ آهي جنهن جي معيشت ڪرپشن جي ور چڙهندي ڏينهون ڏينهن پوئتي وڃي رهي آهي. ۽ پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام سبب معاشي ٻيڙو ٻڏي رهيو آهي ان کي بچائڻ لاءِ نه سياستدان اڳتي وڌي رهيا آهن نه وري اشرافيا ئي اڳتي اچي رهي آهي. پاڪستان جي معيشت زوال پذير ٿيندي پئي وڃي. هن وقت پاڪستان ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ ايندڙ 10 ڏينهن پاڪستان لاءِ تمام اهم آهن. پاڪستان جي اشرافيا ۽ سياستدان هڪ پيج تي ناهن هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پورا آهن. جيڪڏهن پاڪستان ۾ سياستدانن، فوج، بيروڪريسي ۽ عدليا جي وچ ۾ هڪجهڙي سوچ پيدا ٿي پوي ته ملڪ ڪجهه سالن ۾ انڊونيشيا کان به اڳتي نڪري ويندو. انڊونيشيا جا سونهري مثال اسان جي اشرافيا، فوج، سياستدانن ۽ بيوروڪريسي لاءِ ڪافي آهن. جيڪڏهن سهپ ۽ رواداري جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته پاڪستان جو حالتون بنگال جيان ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيو. جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪو اندروني خلفشار پيدا ٿي پيو ته پوءِ چوڌاري ويٺل پاڪستان جا دشمن ملڪ حملي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا ۽ اهي ڪامياب به ٿي سگهن ٿا. سو سياستدان، فوج، بيوروڪريسي ۽ عدالتون هڪ پيج تي اچن ته بهتر آهي. عوام کي مهنگائي جي ڌٻڻ ۾ سياستدانن ۽ اشرافيا ڦاسائي ڇڏيو آهي ملڪ ۾ بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانن کي اڳواٽ ئي اربين رپيا ڏنا پيا وڃن جڏهن ته انهن ڪارخانن عوام کي ڪو فائدو ئي ناهي ڏنو. آخرڪار هن ملڪ جو ڇا ٿيندو ۽ ڪير سوچيندو؟ ان سوال جي جواب جي انتظار ۾ ملڪ جو عوام انتظار ۾ آهي.
جُولاءِ 24, 2024