سکر: مرڪزي، صوبائي اڳواڻن، اسيمبلي ميمبرن پاران پي ٽي آءِ کان الڳ ٿيڻ جو اعلان
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) 9مئي جي واقعي بعد پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي۔صوبائي اڳواڻن سميت قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي نمائندن به پي ٽي آئي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو آھي ته پارٽي ورڪرن به پي ٽي آئي کي الوداع چوڻ وارو سلسلو جاري آھي گزريل ڏينهن سکر جي ليبر ڪالوني آفيس ۾ الله آباد ڪالوني سميت سکر جي مختلف يوسيز جي 25 کان وڌيڪ عورتن ۽ مرد ڪارنن پي ٽي آئي کي ڇڏي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري۔پ پ سنڌ جي صدر نثار کوڙو۔پ پ جي مرڪزي اڳواڻ اسلام دين شيخ۔نعمان شيخ۔ارسلان شيخ ۽ ٻي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو پ پ ۾ شموليت ڪرڻ تي پ پ سکر جي سينيئر ورڪر زاهد شاھ بخاري ڪارڪنن کي پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ تي ڀليڪار ڪندي کين گلن جا هار پارايا ۔مٺائي کارائي ۽ پيلپز پارٽي جهنڊي جو مفلر پارايو ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪر زاهد شاھ بخاري چيو آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا دروازا هر هڪ لاء کليل آھن پ پ جي مرڪزي اڳواڻ اسلام دين شيخ ۔نعمان شيخ ۽ ارسلان شيخ جي هدايتن تحت عوام جي خدمت وارو ڪم جاري آھي پي ٽي آئي کي ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي پي ٽي آئي ڪارڪنن کي ويلڪم ڪيان ٿو اهڙو اظهار هن پي ٽي آئي کي الوداع ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ مرد ۽ عورت ڪارنن پاران سکر جي ليبر ڪالوني ۾ سيد زاهد شاھ بخاري جي آفيس ۾ شمولت جو اعلان ڪندڙ ڪارڪنن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو زاهد شاھ بخاري جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ملڪ جي عوام کي حق ڏنا۔روزگار سميت ملڪ ۾ خوشحالي آندي پر پي ٽي آئي حڪومت ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو۔ملڪ کي بلاول ڀٽو زرداري جي ضرورت آھي ايندڙ چونڊن ۾ پ پ اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو۔
جُون 3, 2023