خوشنصيب آهيان جو آمنه ۽ صنم منهنجي زندگيءَ ۾ آيون: محب مرزا

Spread the love

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪار محب مرزا چيو آهي ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ بهترين عورتن آمنه شيخ ۽ صنم سعيد کي شامل ڪرڻ تي پاڻ کي ڀاڳوند سمجهي ٿو.
پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ پنهنجي ذاتي زندگي ۾ عورتن جي ڪردار بابت ڳالهائيندي محب مرزا چيو ته آمنه ۽ صنم بهترين انسان ۽ عورتون آهن، ٻنهي جو سٺن گهراڻن سان واسطو آهي.
اداڪار چيو ته ٻنهي جي پرورش سٺي ماحول ۾ ٿي آهي، خاص طور سندن مائرن انهن جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن چيو ته بي شڪ، آمنه ۽ منهنجي علحيدگي ٿي چڪي آهي، مان ان معاملي تي نه ڳالهائيندس ڇو ته اِهو اسان جو نجي معاملو هو، هر رشتي ۾ لاها چاڙها ايند اآهن، ڪڏهن ڪڏهن ٻه ماڻهو سٺا هئڻ باوجود به گڏ ناهن رهي سگهندا پر ان باوجود مون لاءِ آمنه هڪ سٺي انسان آهي.

جُولاءِ 15, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو