لڳي ٿو ته حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ميئر بڻجي ويو آهي: سعيد غني

Spread the love

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو تھ حافظ نعيم پريس ڪانفرنس جو ميئر بڻجي ويو آهي. مان هڪ سياسي ڪارڪن آهيان ۽ مونکي خبر آهي ته ڪراچي جي عوام جا ڪهڙا مسئلا آهن. پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو ته جنهن طريقي سان اڄ ڪلھھ محترم امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس  ڪري رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته هو پريس ڪانفرنس ميئر بڻجي ويو آهي. سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ آدمشماري تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي، ڪراچي سنڌ جي جان آهي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏيندي. صوبائي سعيد غني وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ پ پ جي ڪاميابي مخالفن کي هضم نه ٿي رهي آهي، مان سياسي ورڪر آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته ڪراچي جي عوام جا مسئلا ڪهڙا آهن. سعيد غني چيو تھ پاڻي جو مسئلو اڄ جو ناھي، ماضي ۾“ پي گيا ساري شهر ڪا پاڻي ، ھاءِ افغاني” جا نعرا هنيا ويا. هن چيو ته ڪراچي جو پاڻي مسئلو بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان ئي حل ٿيندو.

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو