ماڊلنگ لاءِ تعليم نه پر قد ۽ جسم کي ڏٺو ويندو آهي: آمنا الياس

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس چيو آهي ته ماڊلنگ ڪيريئر لاءِ تعليم جي ايتري ضرورت ناهي، جيتري ڊگهي قد ۽ خوبصورت جسم جي آهي. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ آمنا الياس چيو ته ماڊلنگ ڪيريئر لاءِ تعليم ايتري لازمي ناهي جيتري ماڊلنگ ڪندڙ جي جسم ۽ ڊيگهه جي هوندي آهي.هن چيو ته ماڊلنگ جي خواهشمند لاءِ پلس پوائنٽ هوندو آهي ته ان جو قد ڊگهو هجي ۽ جسماني بيهڪ طور فٽ (صحتمند) هجي. سندس چوڻ هو ته ريمپ تي واڪ ڪندي ماڊلز کي مسڪرائڻ نه گهرجي ۽ پنهنجي جسماني بيهڪ کي به گهڻو متحرڪ ڏيکارڻ جي ضرورت ناهي ته جيئن واڪ ڏسندڙ جو سڄو ڌيان ماڊلز جي لباس تي رهي.

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو