اجمل ساوند جي قتل جو ملهه سڀ جاگيردار گڏجي به نٿا ڀري سگهن
وفا گولو
سنڌ اندر اڪثر ڪري جيڪي به قبيلائي جهيڙا ٿين ٿا يا وري اغوا ڪاريون ٿين ٿيون انهن ۾ تر جا وڏيرا جاگيردار ڪنهن نه ڪنهن جڳهھ تي ملوث رهيا آهن. ماضي ۾ سنڌ اندر مهر جتوئي تڪرار ايترو ته خطرناڪ هو جنهن ۾ مهر جتوئي ته کاڄ بڻيا پئي پر ڪجهھ ٻين ذاتين جا ماڻهو به ان ۾ قتل ٿيا هئا پر پوءِ ان قبيلائي جنگ جو به نيٺ هڪ جرڳي ذريعي فيصلو ڪري ختم ڪيو ويو هو.
پر ان وقت به سنڌ جي باشعور ماڻهن اها ڳالھه پئي ڪئي هئي ته جيڪڏهن قبيلائي جهيڙا جرڳن ذريعي حل ٿيندا ته پوءِ ملڪ اندر قائم عدالتون ڇا لاءِ آھن؟اهو هڪ اهم سوال هو پر اسين جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اتي عدالتي نظام کان وڌيڪ جاگيرداري نظام مضبوط آهي جو اهڙن جرڳن کان پوءِ به اهي ڪنهن تحرڪ ۾ نٿيون اچن. ڏٺو وڃي ته قتل ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ قومي جرم آهي پر اسان جو عدالتي نظام ايترو ته ڪمزور آهي جو هو اهڙن دقيانوس جرڳن تي نه پابندي مڙهي ٿو نه وري جرڳو ٿيڻ بعد ڪو ايڪشن کڻي ڪا ڪاروائي ڪري ٿو ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن جرڳن جي رستا روڪ ٿي سگهي.
اوهان سڀني کي سوشل ميڊيا يا اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي اهو پتو پئجي ويو هوندو ته ٻن سالن کان هلندڙ ساوند-سندراڻي تڪرار جو نبيرو ٿي ويو آهي،ان جرڳي جو سربراھ هڪ طاقتور جرڳائي سردار هو جنهن جديد علم جي ڄاڻو اجمل ساوند جي قتل جو به فيصلو ڪيو آهي انهن جرڳائي ڀوتارن کي ڪهڙي خبر ته هڪ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ڄاڻو استاد جي قتل جي قيمت اوهان سڀ گڏجي به ڀري ڪو نه ٿا سگهو.ساوند سندراڻي جو جرڳو سنڌ جي پ پ ايم اين اي سردار علي گوهر مهر جي سرپئنچي ھيٺ ٿيو آهي جنهن جرڳي ۾ ساوند ۽ سندراڻي سميت مختلف برادرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي هئي.ان جرڳي جي موقعي تي ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد مجموعي طور 24 خونن ۽ 20 زخمين جو نبيرو ڪيو ويو هو، جڏھن ته ڌريون ٻن ماڻھن جي قتل جي ھڪ ٻئي کي ساک ڏينديون.نبيري جي آخر ۾ فتويٰ پڙھي وئي هئي، جنھن موجب ساوند برادري مٿان سندراڻين جا11قتل ۽ 8 زخمي ثابت ٿيا آهن،جنهن تي ساوندن تي 3 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندراڻين مٿان ساوند برادري جا 13 قتل ۽ 12 زخمي ثابت ٿيا، جنھن جو 3 ڪروڙ 21 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو آهي.ان جرڳي ۾ شھيد پروفيسر اجمل ساوند ۽ شھيد وڪيل نورالاهي سندراڻي جي قتل جو ڏنڊ ھڪ ھڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪيو ويو هو.
هڪ وڪيل جو قتل اسين پوري عدالتي نظام جو قتل سمجهون ٿا پر هتي هڪ وڪيل جي قتل جو ملھه لڳائي هڪ ڪروڙ ڪيو ويو جنهن تي سڀ راضي به ٿي ويا ان کان علاوه جديد علم جي ڄاڻو استاد اجمل ساوند جي قتل جو به ملھه هڪ ڪروڙ لڳايو ويو هو پر انهن جاگيردارن ڀوتارن کي ڪهڙي ڄاڻ ته آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ذهين استاد جي قتل جي قيمت اهي سڀ جاگيردار گڏجي به ڀري ڪو نه ٿا سگهن هو ته هڪ سائنس جي جديد علم جو ڄاڻو هو جيڪو پرڏيھه جا ڪروڙين روپيا ۽ آرائش واري زندگي ڇڏي پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن کي علم ڏيڻ جو خواهشمند هو هن کي اها ڄاڻ ڪا نه ته سندس سِرَ جي ڪڍ ڪي بگهڙ نما ماڻهو آهن.
ان ئي جرڳي ساوند ۽ سندراڻي برادريءَ ۾ ٿيل نيبري بعد 24 ڪلاڪن کان سخت ردعمل ۽ تبصرن جو ھڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو، ھر تبصري ڪندڙ جو پنھنجو موقف ۽ دليل هو، ڪي چون ٿا ته ٻنھي ڌرين جي ٺاھ سان بيڏوھي ماڻھن جي قتلام جو سلسلو بند ٿي ويو آهي، سندن چواڻي جيڪڏھن اڃا به نبيرو نه ٿئي ھا ته مستقبل ۾ خبر ناھي ٻيا ڪيترا اجمل ساوند ۽ نورالاھي سندراڻي نشانو بڻجن ھا، نبيري جي حمايت ۾ ڳالھائيندڙن زور ڀريو ته مھر جتوئي تڪرار سميت مختلف برادرين ۾ ھلندڙ جھيڙا به ختم ڪرائڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي،ٻئي پاسي جرڳي ذريعي نبيري جي سخت مخالفت به سامھون آئي آھي،جيڪا حمايت ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻي آھي،مخالفت ڪندڙن جو چوڻ آھي ته گھٽ يا اڻ پڙھيل سردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن کي اھو حق ناھي ته اُھي پروفيسر اجمل ساوند جھڙي قابل ماڻھوءَ جي قتل جو ُملھه مقرر ڪن، ھنن اھڙا فيصلا ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.پر هتي ڪارروائي ڪير ڪندو ڇو ته اسان جي نظام کي هلائيندڙ ئي جرڳائي سردارآهن ته پوءِ ڪير انهن خلاف اٿي کڙو ٿيندو.
جيڪڏهن حقيقي طور تي ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون ھر شھريءَ کي حق ڏئي ٿو ته اھو ڪنھن به معاملي تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪري،ڇاڪاڻ ته اظھار جي آزادي ھر ڪنھن کي حاصل آھي، انھيءَ بنياد تي شروعات ۾ ئي ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري بابت حمايت ۽ مخالفت ڪندڙن جي راءِ سامھون رکي ته جيئن سنڌ جي شعور کي فيصلو ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ته اھڙن تڪرارن بابت مستقبل ۾ ڪھڙي حڪمت عملي ھجڻ گھرجي؟ ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت انتھائي ڏکيو نظر اچي پيو،اھو ان ڪري جو سنڌ جي سالميت ۽ وحدت تي ھڪ منظم سازش ھيٺ تسلسل سان وارَ ٿي رھيا آھن، ڪڏھن ٻيٽ ڦٻايا وڃن ٿا ته ڪڏھن وري بحريا، ڪمانڊر سٽي ۽ ڊي ايڇ اي جھڙين رٿائن سان زمينن تي قبضا ٿين ٿا، تازوگورک جا ترقياتي ڪم ھڪ ڪمپني کي ڏيڻ سميت ماڙيپور ۾ 6 ھزار ايڪڙ زمين ھڪ ٻيو ڊي ايڇ اي قائم ڪرڻ لاءِ گھرڻ ۽ ملير کان گھگھر تائين 40 ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ھلندڙ ڪوششون ھڪ نئون ڄار تيار ڪرڻ ڏانھن اشاروآھي، انھيءَ ڪري سنڌ جي نوجوان نسل کي انھن سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قدم ڦوڪي ڦوڪي رکڻا پوندا، جنھن لاءِ ضروري آھي ته برادرين ۾ ھلندڙ تڪرارن جي صورت ۾ پيدا ڪيل گھرو ويڙھ کي ٻنجو اچي، ڇاڪاڻ ته اھا به سنڌ جي ايڪي کي ڪمزور ڪرڻ جي ھڪ وڏي چال آھي، جنھن کي سمجھڻو پوندو.
پاڻ جيڪڏھن ساوند سندراڻي تڪرار بابت مٿي ذڪر ڪيل ٻن راين بعد غير جانبدار ٿي ڳالھائنداسين ته ان مان واضح ٿيندو ته ٻنھي بردارين ۾ ھن مھل تائين جيڪي 26 ماڻھو قتل ٿيا،ان جو وڏو ڪارڻ قانون تي عمل نه ٿيڻ آھي ۽ ان کانپوءِ انصاف جي نظام ۾ موجود اوڻايون آھن، ڇاڪاڻ ته ورھين بعد ٿيندڙ فيصلا ٻڌائين ٿا تھ عدالتون تڪڙو انصاف ڏيڻ جي اھل ناھن رھيون، سنڌ ۾ اھڙي صورتحال جو با اثر وڏيرن،سردارن ۽ ڀوتارن ڀرپور نموني فائدو ورتو آھي،ڇاڪاڻ جو جيڪڏھن قانون جي حڪمراني ھجي ھا ۽ ساوند سندراڻي تڪرار جي پھرين قتل بعد قاتل ترت گرفتار ڪري عدالت ۾ ڪيس ھلرائي ڦاھي چاڙھيو وڃي ھا ته قانون جي حڪمراني قائم ٿئي ھا ۽ خانگي عدالتون قائم ڪري انساني جانين جا ُملھه مقرر ڪرڻ جي ڪو جرئت نه ڪري ھا.
سنڌ جا باشعور ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته شھيد پروفيسر اجمل ساوند ۽ ناليواري وڪيل نورالاهي سندراڻي سميت ٻنھي بردارين جي شھيد ٿيلن جو ڪو بھ ُملھه ناھي، ائين مھرن ۽ جتوئين ۾ ھلندڙ تڪرار سميت مختلف بردارين ۾ جاري جھيڙن ۾ ٿيندڙ جاني نقصان جو به ڪو ازالو نٿو ٿي سگھي، انھيءَ ڪري سنڌ جي شعور کي حڪمرانن ۽ اعليٰ عدليا تي دٻاءُ وجھڻ گھرجي ته قانون جي حڪمراني قائم ڪرايو ۽ تڪڙو انصاف ڏياريو، ٻي صورت ۾ سنڌ جا سادا ماڻھو ٻروچ سماٽ جي بنياد تي ورھائجي پنھنجو نقصان ڪندا رھندا، جنھن جي سنڌ متحمل نٿي سگھي.
ھتي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان وڏي ادب سان پڇنداسين ته جيڪڏھن خانگي عدالتن ذريعي ئي نبيرا ٿيڻا آھن ته پوءِ اھي عدالتون ڇا لاءِ قائم ڪيون ويون آھن ؟قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عدالتون ڪو ته تحرڪ وٺن يا هاڻي ائين ڪريو ته انهن جا اختيار سنڌ جي جاڳيردارن حوالي ڪريو هو به ته سنڌ جي قسمت ۾ اهي جاگيردار لڳل آهن پوءِ سسٽم جا سڀ اختيار انهن کي ڏيئي امن قائم ڪرايو ۽ ڪاروڪاري قبيلائي جهيڙا جيڪڏهن ائين ختم ٿين ٿا ته اهو به سنڌ لاءِ بهتر رهندو باقي حڪومتون قبيلائي جاگيردار هڪ باشعور ماڻهو قتل جو ملھه نٿا لڳائي سگهن جيڪي پاڻ شعور جي شين جي ويجهو به ناهين رهيا.
جُولاءِ 7, 2024