سکرسائيٽ لميٽيڊ جي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ وارين شڪايتن جو نوٽيس ورتو ويو
سکر(بيورو رپورٽ ماجد منگي ) سکرسائيٽ لميٽيڊ جي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ وارين شڪايتن جو نوٽيس ورتو ويو، انچارج انجنيئر عبدالڪريم ملاڻو کي هٽائي اسٽيٽ انجنيئر جي اضافي چارج عمران خان سهتو کي ڏني وئي آهي، رپورٽ موجب سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ لميٽيڊ سکر جي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ وارين شڪايتن جو نوٽيس ورتو ويو آهي،
ان سلسلي ۾ سيڪريٽري سائيٽ لميٽيڊ طرفان 3 جولاءِ 2024ع تي جاري ڪيل ليٽر موجب اسٽيٽ انجنيئر نوري آباد عمران خان سهتو کي سائيٽ لميٽيڊ سکر آفيس جي اسٽيٽ انجنيئر جي پڻ اضافي چارج ڏئي آهي، ڊپلوما هولڊر عبدالڪريم ملاڻو کي انچارج اسٽيٽ انجنيئر جي پوسٽ تان هٽائڻ وارو ليٽر منظر عام تي اچڻ بعد ٽن مهينن جي پگهار کان محروم حاضر سروس ۽ چئن مهينن جي پينشن لاءِ احتجاج ڪندڙ ريٽائرڊ ملازمن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي، ياد رهي ته سکر سائيٽ لمٽيڊ جا سوين حاضر سروس ملازم ۽ پينشنر پگهارن ۽ پينشن نه ملڻ ڪري گهڻي عرصي کان معاشي بدحالي جو شڪار بڻيل رهيا آهن
متاثر ملازمن 3 مئي تي سائيٽ سکر آفيس جو دورو ڪرڻ لاءِ آيل ايم ڊي سائيٽ غضنفر علي قادري اڳيان پڻ احتجاج ڪندي هٽايل انچارج انجنيئر عبدالڪريم ملاڻو خلاف شڪايتون ڪيون هيون، ان دوران ايم ڊي سائيٽ جي واضع هدايت باوجود لڳ ڀڳ 150 ملازمن جي پگهار ۽ 40 پينشنرن کي رقم جي ادائگي نه ڪئي وئي،
هٽايل انچارج انجنيئر جي اهڙي ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي سائيٽ اختيارين نوٽيس وٺي عيدالضيٰ جي موقعي تي هڪ مهيني جي پگهار ۽ پينشن ڪراچي مان متاثرن کي جاري ڪرائي هئي, ٻي طرف اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ لميٽيڊ عدالت جي حڪم تي سائيٽ لميٽيڊ جي مختلف زون ۾ ايڊمنسٽريشن عهدن تي مقرر ڊپلوما هولڊر آفيسرن کي هٽائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن،
ان ڏس ۾ سائيٽ اختيارين طرفان حيدرآباد، ڪوٽڙي، سکر، ڪراچي، سپر هاءِ وي، نوري آباد، نوابشاهه ۽ ٻين سائيٽ ايريائن مان ڊپلوما هولڊرن کان ايڊمنسٽريشن عهدن تان چارج ڇڏرائڻ کانپوءِ هٽائي اسٽيبلشمينٽ سيڪشن ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرايو ويندو.
جُولاءِ 5, 2024