ڪراچي:  پاڪستان جي سڀ کان وڏي جي ڊي سي فري مرده خاني جو افتتاح ڪيو ويو

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي سهراب ڳوٺ شاهراهه پاڪستان م پاڪستان جي سڀ کان وڏي جي ڊي سي فري مرده خاني جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ وقت ۾ 1,000 لاشن کي رکڻ جي گنجائش هوندي. تقريب کي خطاب ڪندي جنرل سيڪريٽري جي ڊي سي ظفر عباس چيو ته مان سيد ناصر حسين شاهه جو شڪر گذار آهيان

جنهن هن منصوبي تي ڪراچي جي مسئلن تي هميشه اسان جو ساٿ ڏنو آهي 2015ع ۾ مون نمائش چورنگي ۾ احتجاجي ڪئمپ لڳائي هئي ته اسان جي شهر ۾ ڪو به مرده خانو ناهي.اسان سيد ناصر حسين شاهه سان رابطو ڪيو ته ٻن ٽن سالن جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ ان منصوبي لاءِ هڪ جاءِ ملي وئي ۽ ان کانپوءِ هتي سڀ کان وڏو مرده خانو ٺاهيو ويو ، جنهن ۾ هڪ هزار لاشن کي رکڻ جي گنجائش هوندي لاشن کي رکڻ لاءِ پئسا نه ورتا ويندا ،

 نه ئي ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ پئسا ورتا ويندا ، نه ئي ميت کي ڪفن ڏيڻ لاءِ پئسا ڏنا ويندا، جيڪڏهن ميت کي هتان ٻين شهرن ۽ صوبن ڏانهن موڪليو ويندو ان لاءِ به پئسا نه ورتا ويندا اسان ڪورونا ۾ ڏٺو ته ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ لاشن سان گڏ ويٺا هئا،

هاڻ ان وقت هيٽ اسٽروڪ مهل ڪهڙي صورتحال هئي ، شهر ۾ ڪنهن به مرده خاني لاشن کي رکڻ جي جاءِ نه هئي، ان موقعي تي توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ظفر عباس هميشه پنهنجي محنت سان پاڪستان ڪراچي لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ هن جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، ان جي پوري ٽيم جي محنت ۽ لگن سبب سندس هر جاءِ تي احترام ڪيو وڃي ٿو

هرڪو هن جي حمايت ڪرڻ لاء تيار آهي مان تمام ٿورائتو آهيان ظفر عباس ۽ سندس سموري ٽيم يا انهن سڀني ساٿين جو جن هن نيڪ ڪم يا ٻين نيڪ ڪمن ۾ حصو ورتو آهي، جيڪي ماڻهو حصو وٺن ٿا

 مان انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي منصوبا آهن تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن، سنڌ حڪومت هر ڪنهن جي مدد لاءِ هر وقت موجود آهي، طارق صاحب 1122 جي ڳالهه ڪئي، هي به سنڌ حڪومت جو هڪ پراجيڪٽ آهي، جنهن تي سڄي صوبي ۾ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان جي ڀرپور مدد ملندي رهندي.

جُولاءِ 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو