يونيورسٽي جي مختلف ڊپارٽمينٽن ۾ داخلا لاءِ ڪمپيوٽرائيز انٽري ٽيسٽ پنج شفٽن ۾ ورتي پئي وڃي: ڊاڪٽر نور احمد ميمڻ

Spread the love

نواب شاھ (رپورٽ: عبدالفتاح رند) قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاھ ۾ سال 2024 بيچ ۾ داخلا لاءِ ڪمپيوٽرائيز انٽري ٽيسٽ  ڪمپيوٽر سسٽم ڊپارٽمينٽ ۾  وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد ميمڻ جي نگراني ورتي پئي وڃي،

 انھيءَ موقعي تي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد ميمڻ ٻڌايو ته يونيورسٽي جي مختلف ڊپارٽمينٽن ۾ داخلا لاءِ ڪمپيوٽرائيز انٽري ٽيسٽ پنج شفٽن ۾ ورتي پئي وڃي ھر شفٽ ۾ ٻه سو شاگرد اميدوار ٽيسٽ ڏئي رھيا آھن 

ھن چيو ته ڪمپيوٽر تي اميدوار جيئن ئي ٽيسٽ ختم ڪندو ته ان جو نتيجو سامھون اچي ويندو ڪمپيوٽرائيز انٽري ٽيسٽ جي لاءِ 2565 اميدوارن آن لائين فارم جمع ڪرايا جن ۾  2097 شاگرد اميدوار انٽري ٽيسٽ ۾ ويٺا آھن جڏھن ته 468 شاگردياڻيون شامل آھن.

جُولاءِ 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو