سکر:بجلي جي اگهن ۾ واڌ، وڌنڌڙ لوڊشيڊنگ، ناجائز بلنگ ۽ سليب ريٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) بجلي جي اگهن ۾ واڌ، وڌنڌڙ لوڊشيڊنگ، ناجائز بلنگ، سليب ريٽ جي خلاف پوري ملڪ وانگر سکر جي واپارين جو صبير جو پيمانو لبريز ٿي ويو، سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ تاجر سيڪريٽريٽ گولڊ سينٽر صرافه بازار کان گهنٽا گهر چوڪ تائين عوامي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،
ريلي مختلف تجارتي مارڪيٽن صرافه بازار، شاهي بازار، شهيد گنج کان ٿيندي گهنٽا گهر چوڪ تي پهتي، ريلي جا شريڪ واپاري نامنظور نامنظور بجلي جي لوڊشيڊنگ نامنظور، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪريو، غريب عوام کي جيئڻ ڏيو،
ڪارو قانون نامنظورجا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هڻي رهيا هئا، ريلي کي خطاب ڪندي حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهانگائي، بيروزگاري، غربت جي ڪري غريب عوام جي گهرن جي چلهه وسامجي ويئي آهي، تجارتي سرگرميون ٺپ ٿي ويون آهن، صنعتون تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪيون آهن، ان جي باوجود حڪومت هاڻوڪي بجيٽ ۾ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ سليب ريٽ جي ذريعي 200 يونٽ جي استعمال تي بل ڪجهه 201 يونٽ جي استعمال تي بجلي جي بل ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪي غريب عوام کي جيئرو دفن ڪرڻ جي مترادف آهي،
هن جو چوڻ هو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ، ڊيڊڪشن بل، اوور بلنگ جي ڪري واپاري ۽ شهري بل ادا ڪرڻ جي سڪت نه ٿا رکن، مهانگي بجلي جي ڪري صنعتون بند، ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي، ان جي باوجود حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي بجاءِ آءِ ايم ايف جي چوڻ ته وڌيڪ بجلي مهانگي ۽ لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسي رهي آهي.
هن جو چوڻ هو ته حڪومت پنهنجي عياشين ۽ شاهانه خرچن جو تمام تر ٻوجهه غريب عوام ۽ واپارين تي وجهي رهي آهي، حڪمرانن جي عياشين جو خميازو واپاري ۽ عوام ڇو ڀوڳين. ؟ هن جو چوڻ هو ته حڪومت فوري طور تي حڪمرانن، پارليمنٽ جي ميمبرن، بيوروڪريٽس ۽ اشرافيه جون مراعاتون ۽ مفت بجلي پيٽرول ختم ڪري غريب عوام کي ريليف فراهم ڪن ۽ جيڪڏهن فوري طور تي بجلي جي اگهن ۾ بنيادي ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه ڪيو ويو ته واپاري برادري پنهنجي احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي ملڪ گير احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪندي، جنهن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون، بک هڙتالن سميت ملڪ گير شٽر ڊائون هڙتال پڻ ڪئي ويندي،
جنهن جي تمام تر ذميواري حڪومت تي عائد ٿيندي. احتجاجي ريلي ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، قوم پرست، تاجر تنظيمن جي اڳواڻن سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري محمد عامر فاروقي، حاجي عبدالستار راجپوت، علامه نور احمد قاسمي، غلام مصطفي ڦلپوٽو، صفيه بلوچ، مختيار شامي، محمد منير ميمڻ، دوا خان، طارق ميراڻي، احسان ٻنڌاڻي، شهزادو ڀٽو، رضوان قادري، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، آغا محمد اڪرم دراني، طارق گهمرو، وقاص بدر، محمد عرفان، راشد صديقي، محمد سجاد عامر، شاهه محمد انڍهڙ، شعيب ميمڻ، سليم جاگيراڻي، حيدر راجپوت، حافظ عمران، جاويد ميمڻ، شاهد مگسي، محمد فيصل، عاصم فاروقي، محمد اڪرم، جاويد قادري، رياض ڀيو سميت عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 1, 2024