ساس عورت شاخ ڪراچيءَ جي ٻين دستوري گڏجاڻي  مظھر ميمڻ رسورس سينٽر، رمپا پلازہ  ۾ ٿي گذري

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو) سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ ڪراچيءَ جي ٻين دستوري گڏجاڻي  مظھر ميمڻ رسورس سينٽر، رمپا پلازہ  ۾ ٿي گذري گڏجاڻيءَ ۾  ڪراچي شاخ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عابده گهانگهرو،  ڪائونسلر پروفيسر فرزانہ شاھين، جوائنٽ سيڪريٽري ريحانہ چنڙ،  ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر پروفيسر شازيہ مظھر، مٺڻ سومرو، گلشن سنڌو، اشرف لاريب، جميلہ قاضي ۽ ٻين ادب دوست عورتن شرڪت ڪئي.

ھن دستوري گڏجاڻيءَ ۾ گلشن سنڌو نظم، شازيہ مظھر ڪالم ڪھاڻي، ريحانہ چنڙ ۽ ڊاڪٽر عابدہ گھانگھرو آزاد نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيا. گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٻين ميمبرن انھن تي واري واري سان پنھنجي تنقيدي راءِ پيش ڪئي. گڏجاڻيءَ جي صدارت ريحانہ چنڙ ڪئي ۽ ڪاروائي شاخ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عابدھ گھانگھرو ھلائي.

ڪراچيءَ ۾ شديد گرميءَ يا موڪلن سبب ڪيترين ئي ليکڪائن جي شھر کان ٻاھر ھجڻ سبب سبب اھو سمجھيو پئي ويو تہ اھا گڏجاڻي ملتوي ڪئي ويندي، ان بابت ڊاڪٽر عابدھ گھانگھرو جو چوڻ ھو تہ سندن اصول آھي تہ سواءِ ڪنھن انتھائي ڳنڀير صورتحال جي سنگت شاخ جي ھر گڏجاڻي پنھنجي مقرر وقت ۽ تاريخ تي ٿيندي.

جُون 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو