عورتن کان وڌيڪ مرد هرٽ اٽيڪ جو شڪار ٿيندا آهن:زارا نور عباس

Spread the love

پاڪستاني ناليواري اداڪارا زارا نور عباس جو چوڻ هو ته مردن مٿان سڀ کان گهڻيون ذميواريون ۽ ٻوجهه هوندا آهن.
زارا نور عباس تازو ئي نجي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ کلي ڪري پنهنجي زندگي سان جڙيل ڪيترن ئي پهلون تي ڳالهايو.
شو دوران اداڪارا پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن عورتن کي هر شيءَ جو حق کپي ته پوءَ مردن جي حقن جو به خيال ڪيو وڃي، ڇو ته هن مهانگائي جي دور ۾ اڪيلو مرد گهرواريءَ ۽ ٻارن جي هر آسائش جو خيال رکندو آهي، گهرن جي بجلي ۽ گئس جا ڳرا به انهي کي ڏيڻا هوندا آهن.
پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ۾ هن ٻڌايو ته گهر ۾ جيترا به ماڻهو آهن، انهن کي گهرجي ته ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪرن ته جيئن گهر جي خرچن جو ٻوجهه گهٽجي سگهي.

جُون 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو