سکر: سليم غني ڪلوڙ پاران غريب بيواهن ۽ معزورن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب معنقد

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) ضلعي زڪوات۔عشر چيئرمين سکر سليم غني ڪلوڙ پاران غريب بيواهن۔معزورن جي مالي سهائتا مستقل بحالي ۽ غريب نياڻن جي ڏاج لاء ڪمشنر سکر ڊويزن جي ڪانفرنس ھال ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب معنقد ڪئي وئي

 چيڪ ورهائڻ واري تقريب جو مهمان خاص ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي هو جڏهن ته اي سي امير علي ميراڻي اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي لبيڪا اڪرم۔تعلقي سٽي سکر چيئر مين عبدالمجيد ملڪ۔حفيظ الله چاچڙ ۽ ٻيا پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي

 مستقل بحالي مالي امددا لاء پنج هزارن جا چيڪ ۽ غريب نياڻن جي ڏاج لاء 30 هزارن جا مجموعي 40 کان وڌيڪ ڪراس چيڪ ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي۔ضلعي زڪوات عشر چيئرمين سليم غني ڪلوڙ سميت AC امير علي ميراڻي ۔اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي لبيڪا اڪرم۔عبدالحفيظ چاچڙ ۽ تعلقي چيئرمين عبدالمجيد ملڪ پنهنجي هٿن سان ڏنا۔

ان موقعي تي ضلعي زڪوات عشر چيئر مين سليم غني ڪلوڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان غريب ماڻھن جي مالي سهائتا ڪندي رهي ٿي

 سکر ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ مستحق غريب بيواهن ۔معزورن ۾ چيڪ ورهائينداسين جڏهن ته ڇنڇر ڏينهن صالح پٽ ۾ مالي سهائتا جا چيڪ ڏينداسين محترمه شھيد به غريب عورتن جي ڪفالت لاء پروگرام شروع ڪيو جنهن مان مستحق فائدو حاصل ڪن ٿا ضلعي زڪوات عشر ڪميٽي سکر کي جيڪي فنڊ ملن ٿا اهي حقدارن تائين پهچايون پيا جيڪو سلسلو جاري آھي.

جُون 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو