ڪراچي: پئسا واپس گھرڻ تي جوابدارن پورھيت مٿان تيزاب ھاري زخمي ڪري ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي ڪورنگي نمبر 2 ۾ ورتل پئسا واپس گھرڻ تي جوابدارن گذريل رات دير سان پورھيت مٿان تيزاب ھاري ڇڏيو پورھيت زخمي حالت ۾ اسپتال داخل رضويـ ٿاڻي جي پوليس جوابدارن کي گرفتار نـ ڪري سگھي
خبرموجب ڪراچي ڪورنگي نمبر 2 ۾ سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ اللـ وسايو جتوئي جو رھواسي پورھيت حيات جتوئي اڌارا ڏنل پئسا واپس گھرڻ تان جوابدارن گذريل رات دير سان پورھيت حيات جتوئي ڊيوٽي تان واپس موٽي رھيو ھو تـ رستي ۾ جوابدارن حيات جتوئي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ان مٿان تيزاب ھاري جنھن ۾ پورھيت زخمي ٿي پيو آھي
جنھن ۾ سندس جي ھڪ ضايع ٿيڻ جو انديشو پڻ ٻڌايو پيو وڃي ھوڏانھن رضويـ ٿاڻي جي پوليس پورھيت حيات جتوئي مٿان تيزاب ھاريندڙ جوابدارن کي ھن وقت تائين گرفتار نـ ڪري سگھي آھي ان سلسلي ۾ تيزاب سبب زخمي ٿيل حيات جتوئي جي ڀاء ٻانھون جتوئي صحافين کي ٻڌايو تـ جوابدارن حيدر علي پٺاڻ تنوير پٺاڻ ۽ منڌو پٺاڻ منھنجي ڀاء کان سوا لک روپيا اڌارا ورتا ھئا
جيڪي واپس گھرڻ تان پٺاڻن پئسا ڏيڻ بجاء منھنجي ڀاء کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ان مٿان تيزاب ھاري ڇڏيو آھي جنھن کي زخمي حالت ۾ ٽراما اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي ھن چيو تـ رات کان وٺي ھن وقت تائين رضويـ ٿاڻي جي پوليس جوابدارن کي گرفتار نـ ڪري سگھي آھي ھن چيو تـ جواندارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
جُون 27, 2024