سکر شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار متاثر شهري ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور
سکر(بيورو رپورٽ)سکر شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار متاثر شهري ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور ان سلسلي ۾ سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ لاڳاپيل انتظاميا جي مسلسل لاپرواهي سبب سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر جي مختلف علائقن نئون پنڊ ڀوسا لائين، درزي محلا، گوپانگ محلا، ريلوي ڪالوني، نئون ڳوٺ، ٿلو، بيراج روڊ، مائيڪرو ڪالوني، ملٽري روڊ، بهار ڪالوني، بندر روڊ، مياڻي روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ ڏينهون ڏينهن پاڻي فراهمي جي کوٽ سبب متاثر علائقن جا رهواسي پاڻي لاء پريشان آهن،
ان ڏس ۾ شهرين ۽ سماجي ڌرين سکر جي شھرين کي پاڻي فراهم ڪندڙ انتظاميا جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته سکر ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ جو نااهل عملو شهرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ويو آهي
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سکر جي شهرين کي پاڻي فرهمي لاء ڪروڙين روپين جي لاڳت سان نان اسٽاپ واٽر سپلاءِ جو منصوبو شروع ڪرڻ باوجود شهري سخت گرمي باوجود پاڻي لاء ترسن پيا علائقي واسي پري پري کان پاڻي ڀري اچڻ ۽ پئسن عيوض خريدڻ تي مجبور آھن شھرين صوبائي وزير بلديات ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سکر جي شهرين کي پاڻي جي کوٽ سبب پيش ايندڙ مسئلن کان نجات ڏياري پاڻي جي فراهمي جي نظام کي يقيني بڻايو وڃي.
جُون 25, 2024