سکر : سنڌ اسپورٽس بورڊ سنڌ پاران ٻن ڏينهن وارو آل سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامنٽ پڃاڻي تي پهتو

Spread the love

سکر( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سنڌ اسپورٽس بورڊ سنڌ پاران ٻن ڏينهن وارو آل سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامنٽ سکر جي بچل شاھ مياڻي پارڪ ۾ پڃاڻي تي پهتو ونر ۽ رنر ٽيمن کي ڪيش پرائيز ۽ ٽرافيون ڏنيون ويون

تقريب جو مهمان خاص ضلعي چيئرمين سکر سيد ڪميل حيدر شاھ ۽ اسپورٽس ۔يوٿ افيئر کاتي سنڌ جو سيڪريٽري جلال دين مهر جن هئا سيڪريٽري اسپورٽس يوٿ افيئرپاران سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامنٽ ڪرائڻ جو اعلان ان سلسلي ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ پاران سکر ۾ ٻن ڏينهن وارو ڪرايل ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامنٽ پڃاڻي تي پهتو سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ايسوسي ايشن سنڌ جي صدر حاجي علي حسن شيخ ۽ جنرل سيڪريٽري محمد پناھ مهر جي نگراني هيٺ سکر جي بچل شاھ مياڻي عسڪري پارڪ ۾ ٿيل ٽورنامنٽ ۾ سکر ڊويزن ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ٽيمن وچ۾ فائنل مقابلو ٿيو

 سکر ڊويزن جي ٽيم لاڙڪاڻو ڊويزن جي ٽيم کي ٽن پوائنٽن تان هارائي ونر بڻجي وئي ٽورنامنٽ تقريب جو مهمان خاص ضلعي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاھ ۽ سيڪريٽر اسپورٽس ۔يوٿ افيئر جلال دين مهر جن هئا ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسرن آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت تحت اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا ۽ يادگار شيلڊون پڻ پيش ڪيون 

جڏهن ته سيد ڪميل حيدر شاھ جي سالگراھ جو ڪيڪ پڻ ڪيو ويو فائينل مقابلي جي ونر ٽيم جي ڪپتان جميل احمد پتافي کي ونر ٽرافي ۽ لاڙڪاڻي ٽيم جي ڪپتان لياقت علي ٻرڙو کي رنر ٽرافي ۽ ڪيش پرائيز ڏنا ويا جڏهن ته سنڌ ڪوڏي ڪوڏي ايسو سي ايشن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي پڻ يادگار شيلڊ ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا ان موقعي تي سيڪريٽري اسپورٽس ۽ يوٿ افيئر جلال دين مهر سنڌ جي ثقافتي راند ڪوڏي ڪوڏي جا سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو

جڏهن ته ضلعي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاھ پڻ ثقافتي رادين کي هٿي وٺرائڻ لاء سهڪارجي پڻ خاطري ڪرائي ٽورنامنٽ جا انتظام ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس سکر ڊويزن ميرمحمد ڪلهوڙو ۽ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسرسکر نثار احمد چانڊيو۔ڊسٽرڪٽ آفيسر خيرپور اخلاق احمد ميمڻ۔آفيس سپرنڊينٽنٽ مظھر علي سومرو سميت غلام علي۔جاويد ڪلهوڙو۔شوڪت جتوئي ۽ اسٽاف گڏ سرانجام ڏنا جڏهن ته ڪوڏي ڪوڏي راند جي شوقين جو وڏو انگ پڻ گرائونڊ ۾ موجود هو کٽي ايندڙ رانديگرن کي انعام ڏئي ڪوڏي ڪوڏي رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي.

جُون 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو