دادو: بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم گڏجاڻي ڪئي وئي
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ آل پاڪستان انجمن تاجران ضلعي دادو جي اڳواڻن صدر محمد امين جمالي نائب صدر وزير رودناڻي جنرل سيڪريٽري غلام نبي لغاري پاران اي سي سيپڪو دادو ظهور احمد نوناري ايس ڊي او دادو مجيب الرحمان قريشي سان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم گڏجاڻي ڪئي،
جنھن صدر امين جمالي ۽ بين چيو ته اسان واپارين جي تنظيم آل پاڪستان انجمن تاجران ضلعي دادو جا عهديدار آهيون اسان پاران ڪو هڙتال جو سڏ نه ڏنو ويو آهي 27 جون تي شٽربند هڙتال جو سڏ گل حسن پنهور ڏنو آهي جنهن جو انجمن تاجران سان ڪو تعلق نه آهي،
هو نام نهاد اسان جي تنظيم آل پاڪستان انجمن تاجران جو نالو استعمال ڪن پيا جيڪو غلط عمل آهي، بدنام ڪرڻ چاهين ٿا اسان واپاري اڳواڻ انهيءَ سلسلي ۾ سيپڪو اي سي ۽ ايس ڊي او سان گڏجاڻي ڪئي آهي اسان امن خراب ڪرائڻ جا حامي نه آهيون ڳالهين ذريعي مسئلا حل ٿين ٿا ته ڪنهن کي به امن خراب ڪرڻ نه ڏنو ويندو،
اسان سيپڪو دادو انتظاميه جاٿورائتا آهيون جيڪي اسان وٽ ڪهي آيا جن خاطري ڪرائي آهي ته اوهان کي کي 14 ڪلاڪ بجلي ڏني ويندي، اسان جو اي سي دادو کان مطالبو آهي ته اسان کي ايڪسپريس فيڊر ڏنو وڃي جنهن تي اي سي دادو پڻ يقين ڏياريو آهي ته هڙتال ڪرڻ سان مزدور طبقو پريشاني جو شڪار ٿيندو
روز ڪمائي کائڻ وارا ۽ پريشان ٿي ويندا اسان کي يقين آهي ته محبت ۽ مفاهمت سان مسئله حل ٿي ويندا اي سي دادو اسان کي يقين آهي ته جيڪي ڳالهيون اڄ هن ميٽنگ دوران ٿيون آهن اهي پوريون ٿينديون،اگر مطالبا پورا نه ٿيا ته اسان ڳالھ کي اڳتي وڌائڻ اسين، هنن چيو ته اگر ڪو هڙتال ڪري ٿو ته ذميوار پاڻ هوندو آفيسر هنن تي ايف آئي آر داخل ڪرائي ٿو سگهي،
ان موقعي تي اي سي دادو ظهور احمد نوناري چيو ته هي صرف تاجران برادري جو مسئلو نه پر سڀني دادو واسين جو مسئلو آهي اسان نه چاهينداسين ته جيڪي بل به ادا ڪن ۽ ان باوجود هو پريشان ٿين اسان بلڪل ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ نه ٿا چاهيون اسان ڪوشش ڪيون پيا ته جلد دادو واسين جا مسئلہ حل ڪري سگهون، ان کان اڳ سيپڪو اي سي ۽ ايس ڊي او دادو کي اجرڪ اوڍايا ويا.
جُون 24, 2024