سڪرنڊ: ڳوٺ عيسو ڪيريو ۾ ڇهن ورهين جي نياڻي بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ جي ڳوٺ عيسو ڪيريو ۾ پورهيت دين محمد ڪيريو جي ڇهن ورهين جي نياڻي پنهنجي ئي گهر اندر راند کيڏندي کيڏندي بجليءَ جي تارن سان ٽڪرائجڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ ڪري ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي
جنهن کي وارثن تُرت تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو پر ڊاڪٽرن پاران نياڻيءَ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن بعد ڪاغذي ڪاروائي ڪرڻ بعد همدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي نياڻيءَ جو لاش ڳوٺ عيسو ڪيريو پهچايو ويو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
جُون 23, 2024