نواب شاھ : محمد صالح ڀوتاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

Spread the love

نواب شاھ (رپورٽ: عبدالفتاح رند) ضلعي شھيد بينظير آباد جي چئني تعلقن قاضي احمد، دوڙ، سڪرنڊ، ڄام صاحب جي ڇٽا برادري سوين ماڻھن نواب شاھ پريس ڪلب ٻاهران بلوچستان ۾ سردار محمد اسلم ڀوتاڻي، محمد صالح ڀوتاڻي ۽ عرفان ڀوتاڻي تي علي حسن زھري ۽ جميل باريجو پاران مبينه ڪردار ڪشي ڪرڻ، زمينن، پھاڙن تي قبضا ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف زوار گل بيگ ڇٽو، استاد سليمان، علي احمد، سائين بخش، غلام شبير، امين، عبدالمجيد نياز، شيرل فقير، اياز علي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو،

 انھيءَ موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ پ پ جي علي حسن زھري ۽ جميل باريجو پاران اسان جي سردارن محمد اسلم ڀوتاڻي، سردار محمد صالح ڀوتاڻي ۽ سردار عرفان ڀوتاڻي جي ڪردار ڪشي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته مذڪورہ ماڻھو اسان جي سردارن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن ۽ انھن جي زمينن ۽ پھاڙن تي قبضا ڪري ويٺا آھن ۽ اسان جي سردارن جي گھرن تي چڙھائي ڪري فائرنگ ڪئي وئي آھي، ھنن چيو ته مذڪورہ ماڻھن 8 فيبروري تي اسان جا ٻه ماڻھو شھيد ڪيا ويا ھئا

۽ 10 ماڻھن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ھو، ھنن چيو ته اسان جي 117 ماڻھن تي مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن ۽ پوليس جي مدد سان اسان جا ڪيترائي ماڻھو اغوا ڪرايا ويا آھن، ھنن صدر پاڪستان آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، چيف آف آرمي، چيف جسٽس پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ، آئي جي بلوچستان ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي سردارن تي ڪيل ڪيس ختم ڪيا وڃن زمينن ۽ پھاڙن تي ٿيل قبضا ختم ڪيا وڃن ۽ مذڪورہ ماڻھن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان سڃي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.

جُون 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو