ملير : اقليتي برادري جي رھنمائن پاران سھولتن جي کوٽ۽ منشيات خلاف احتجاج
ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي حسن پنھور ڳوٺ (جوڳي موڙ)اقليتي برادري جي رھنمائن طرفان احتجاج سھولتن جي کوٽ۽ منشيات ۽سٽي جو ڪاروبار عروج تي اسپيشل رپورٽر حسن پنھور ڳوٺ ۾ منشيات جو کليل ڪاروبار عروج تي اقليتي برادري جي اڳواڻن ھرھڪ موليا ديوان ،واليو مل ۽ لڇمڻ داس چيو تہ ھتي وڏيرن جي مرضي ۽انھن جي من پسند ماڻهن جا فيصلا ڪيترن ئي کي پنھنجي حوس جي ور چاڙهي چڪا آھن
نشي ۽ سٽي جي ڪري نوجوان ڪمائڻ نٿا وڃن ان ڪري طلاقن جو سلسلو وڌي ويو آھي گھٽيون گند سان ڀريل آھن ڪوئي ترقياتي ڪم نہ ٿيو آھي وڌيڪ انھن نشاندھي ڪندي چيو تہ وڏيرن جو ماڻھون مکي لالو جيڪو کلي عام منشيات ۽سٽو ھلائي ھتان جي رھاڪو ھندو مذھب سان لاڳاپيل غريبن جا گهر تباھ ڪري رهيو آھي لالو مکي جي آڳيان ٿاڻو شاھ لطيف ،
آئي جي صاحب جي ٽاسڪ فورس ۽ شاھين فورس بيوس ۽ ڀتي وٺڻ ۾ مشغول تہ پو ھنن باگڙي برادريءَ جي اڍائي هزار گھرن تي مشتمل آبادي جي سار ڪير لهندو وڌيڪ واليو مل ۽ لڇمڻ داس چيو تہ ٿي سگھي ٿو تہ اسانکي ھن احتجاج جي عيوض پوليس کان کڻايو وڃي يا ڪو نقصان ڏنو وڃي ان لاءِ اسان سنڌ آء جي پوليس کان تحفظ جي گھر ڪيون ٿا.
جُون 23, 2024