سڪرنڊ: عيدالاضحٰي جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوء ٽرانسپورٽ مافيا سرگرم، ٻيڻا ڪرايا وصول
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) عيدالاضحٰي جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوء ٽرانسپورٽ مافيا سرگرم، ٻيڻا ڪرايا وصول، مسافرن جون دانهون، ضلعي انتظاميا آفيسن تائين محدود، مسافر ٽرانسپورٽرن هٿان ٻنهي هٿن سان ڦرجڻ لڳا،
ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن توڙي پنجاب نوڪري تي ويندڙ مسافرن کان گاڏين وارا من پسند ڪرايا وصول ڪرڻ لڳا آهن، ڳاٽي ٽوڙ ڪراين سبب مسافر پريشان، ٽرانسپورٽرن جي ٻيگهي متل، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سڪرنڊ کان ڪراچي ويندڙ في مسافر کان گاڏين وارا 2000 کان 1500 ڪرايو وصول ڪرڻ لڳا،
جڏهن تہ پنجاب نوڪري تي ويندڙ ماڻهن کان 6 هزار کان 7 هزار ڪرايو ورتو پيو وڃي، ٽرانسپورٽ مافيا خلاف ڪي بہ اختياريون سجاڳ نہ ٿيون، ضلعي انتظاميا جون دعوائون بہ مسافرن کي ڦرجڻ کان بچائي نہ سگهيون،
جنهن سبب پنهنجي نوڪري تي ويندڙ ماڻهو سخت پريشان آهن ۽ ڪير بہ سندن دانهن ورنائڻ وارو ناهي، مسافرن قادر بخش رند راجه مورائي پرمانند اوڏ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان گهر ڪئي آهي تہ فورن ٻيڻا ڪرايا وٺندڙ ٽرانسپورٽر مافيا خلاف قدم کڻي مسافرن کي ڦرجڻ کان بچايو وڃي .
جُون 22, 2024