سنڌ ۾ پنج يا ڇهه جولاءِ کانپوءِ چوماسي جي برساتن جو امڪان

Spread the love

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي 22 کان 23 جون تي ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، سڀاڻي يا پرينهن سپر هاءِ وي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي هلندڙ سال سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ ڪشمير ۾ چوماسي برساتن جي شروعات 29 يا 30 جون کان ٿيندي جڏهن ته سنڌ ۾ پنج يا ڇهه جولاءِ کانپوءِ چوماسي جي برساتن جو امڪان آهي.

جُون 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو