دادوشھر جي مرکپور ڪالوني واسين پاران  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو شهر جي مرکپور ڪالوني رهواسين شوڪت گوپانگ،مجنون ، پوليس اهلڪار روشن گوپانگ، مسمات زوليخان، الھ واسائي،حسنه گوپانگ دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،

ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته دادو بي سيڪشن پوليس اسان جي مخالف رسول بخش گوپانگ، عامر،پنهل گوپانگ سان ڌر بڻيل آهي، اسان جي نياڻي حسنا دادو شهر ۾ موجود درگاھ حضرت جمال شاھ تي زيارت لاءِ وئي ته اتي موجود اسان جي مخالفن اسان جي نياڻي کي حراسان ڪيو ۽ دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

 جنهن جي اين سي رپورٽ بي سيڪشن پوليس وٽ داخل ڪرائي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ 14هزار رشوت گهري جيڪا ڏيڻ بعد رات دير سان پوليس پيسا وٺي اسان جي مخالفن کي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي مخالف اسان کي موتمارڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،

مظاهرين دادو ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته اسان جي نياڻي کي تنگ ڪندڙ بااثرن کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ رشوت وٺندڙ پوليس اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي،

ٻئي طرف دادو شهر جي انڊسٽري ايريا جي رهواسين رسول بخش،پنهل،مسمات اميده گوپانگ دادو پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته اسان جو پنهنجي سئوٽ  سان ملڪيت تان تڪرار هلندڙ آهي،پٽ روشن گوپانگ 3 مهينا اڳ پنهنجي پيءُ رسول بخش گوپانگ کي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو هيو جنهن بعد چاچو مون وٽ گهر ۾ ترسيل آهي، چاچي کي گهر ۾ ترسائڻ بعد سئوٽ روشن گوپانگ پوليس اهلڪار جان جو ويري بڻجي ويو آهي

هاڻي پوليس اهلڪار روشن ۽ ٻيا اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهيان آهن ، هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪار پنهنجي وردي جو فائدو وٺي اسان سان ظلم ڪري پيو جنهن خلاف سخت قانوني قدم کڻي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

جُون 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو