روهڙي ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه واسڻ مائي خوشي شيخ پاران ڪورٽ ۾ طلاق لاءِ درخواست داخل
سکر(بيورو رپورٽ) روهڙي ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه جي رهواسڻ مائي خوشي شيخ سکر جي فيملي ڪورٽ ۾ طلاق لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن کانپوءِ مائي خوشي والده زهرا سان گڏ سيشن ڪورٽ ٻاهران مڙس حمير علي شيخ خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته والدين جي رضامندي سان پاڙيسري حمير علي شيخ سان 7 آڪٽوبر 2022ع تي پسند جو پرڻو ڪيو هو،
شادي جي ٿوري عرصي بعد معلوم ٿيو ته مڙس نشي جو عادي موالي آهي، جيڪو نشو نه ملڻ تي مون کي مارڪٽ ڪري تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي، اهڙي آزار کان تنگ ٿي ڪجهه عرصي تائين والدين وٽ رهائش اختيار ڪئي، جنهن کانپوءِ والدين مڙس جي گهر ڇڏي آيا،
جنهن کانپوءِ سهرو دلمراد شيخ ۽ ڏير غلام مرتضيٰ، جاويد ۽ وحيد مڙس حمير گڏجي جنسي طور حراسان ڪندا رهيا آهن، جڏھن ته سهري دلمراد زنا جي ارادي سان مون ۾ هٿ پڻ وڌا، جنهن کان بيزار ٿي مڙس کان طلاق وٺڻ لاءِ سکر جي فيملي ڪورٽ ۾ وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي آهي،
جنهن تان مڇرجي پيل مڙس ساٿين سان گڏجي منهنجي والد علي اصغر شيخ کي نقصان پهچائڻ لاءِ گهر تي هلان ڪري گهر ٻاهران بيٺل ڪيري وين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا ۽ وڌيڪ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا، هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته مڙس کان طلاق ڏياري والدين سميت تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
جُون 20, 2024