سکر شھر جي تجارتي مرڪزن ۽ اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جام معمول بڻجي ويو

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) سکر شھر جي تجارتي مرڪزن ۽ اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جام معمول بڻجي ويو، آمد و رفت ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون ، شهرين ۽ سماجي حلقن پاران ٻٽي عذاب مان نجات ڏيارڻ جو مطالبو ان سلسلي ۾ سکر ضلعي انتظاميا ۔ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٽريفڪ پوليس جي بلند دعوائن  باوجود شهر جا مصروف ترين واپاري مرڪز غلط پارڪنگ ۽  اڻ پورن  انتظامن حددخلين سبب شهرين کي ٽريفڪ جام جي مسئلن کان ڇوٽڪارو نه مليي سگهيو آهي

 شڪارپور روڊ، گهنٽا گھر، اسٽيشن روڊ، گليمرسينٽر، عيد گاهه روڊ، روشنا موبائيل مارڪيٽ، گهنٽا گھر چاڙھي، پوسٽ آفيس نيم جي چاڙھي، شاليمار روڊ، شهيد گنج، بئراج روڊ، ريس ڪورس روڊ، سول اسپتال روڊ تي ٽريفڪ جام روز جو معمول بڻيل آھي جنهن سبب انهن علائقن جي رهواسين سميت راهگير ۽ دوڪاندرن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي ٽريفڪ پوليس اهلڪار ٽريفڪ تي ظابطو نه آڻڻ ڪري ٽريفڪ جام وڏو مسئلو بڻجي ويو آھي

 جڏهن ته شھر جي اڪثر روڊن تي حددخلين ۽ موٽر سائيڪلن ۽ ٻين گاڏين جي غلط ۽ واڌو پارڪنگ سبب عوام آزار ۾ اچي ويو آھي۔شھرين جو چوڻ آھي ته شهر جي اڪثر علائقن ۾ قائم  واپاري مرڪزن ۾ خريداريءَ لاءِ ايندڙن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پارڪنگ ايريا ۾ مقرر ٽريفڪ پوليس، ميونسپل ملازمن ۽ غيرقانوني ٺيڪيدارن جي ڪن مهٽ ڪئي وڃي ته جيئن ٽريفڪ جام مسئلو حل ٿي سگهي.

جُون 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو