سانگهڙ لڳ مبيه طور نامعلوم نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

Spread the love

سانگھڙ( ڊ ر ) سانگهڙ ويجهو   ڍليار اسٽاپ لڳ بھ جي ڦيڙن ڀرسان مبيه طور نامعلوم نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، لاش جي اطلاع تي ڍليار پوليس ۽ کپرو پوليس پهچي مقتول جو  لاش ضروري ڪاروائي لاءِ کپرو جي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس سڃاڻپ آيت علي ولد محمود بوزدار طور ڪئي وئي، موجوده ڊاڪٽرن موجب ته لاش 12کان 14ڪلاڪ پراڻو لڳي رهيو آهي،

پوليس موجب فوتي جي منهن تي ڪهاڙين جا وار ڪري کيس بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي جنهن کي ٿي سگهي ٿو ٻي هنڌ ماري لاش ڍليار اسٽاپ ويجهو فٽو ڪيو ويو آهي

 پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ئي وڌيڪ جانچ ڪئي ويندي، هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول جو لاش هٿ اچڻ جون شوشل  ميڊيا  تي خبرون ھلڻ تي مقتول  جي والد اسپتال  پھچي  ڪپڙن مان سڃاڻپ ڪئي ته ھي منھنجو  پٽ آهي ھن چيو ته پوليس  کي گھرجي ته قانون مطابق جانچ ڪري ۽ اسان جي ٻچي جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪري قانوني طور ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو،

جُون 15, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو