دادو ۾ لغاري ويلفيئر اتحاد جي اڳواڻن پاران ڪوٽڙي سائيٽ پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو
دادو(ڊ-ر) دادو ۾ لغاري ويلفيئر اتحاد جي اڳواڻن پاران ڪوٽڙي سائيٽ پوليس جي ناانصافين خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي
بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اتحاد جي اڳواڻن حاجي محرم خان لغاري، حاجي معشوق علي لغاري، فقير علي اڪبر لغاري، امداد علي شاهاڻي، امجد علي لغاري، اميربخش لغاري ۽ ٻين لغاري اتحاد جي اڳواڻن چيو ته ضلع ڄامشورو جي ڪوٽڙي سائيٽ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او خير محمد ملاح لغاري برادري جي نوجوان عامر علي لغاري کي بيگناھ گرفتار ڪري ايس ايس پي ڄامشورو جي هدايتن تي نوجوان عامر علي لغاري سان پوليس جو ڪوڙو مقابلو ڏيکاري هن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي آهي
سائيٽ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او خير محمد ملاح ڊرامائي انداز اختيار ڪري هڪ پورهيت رڪشا ڊرائيور جي پٽ عامر علي لغاري کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي پوليس جي ان ناانصافي ۽ ظلم خلاف لغاري اتحاد ڪوٽڙي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن متاثر ڌر جي ماڻهن پر امن احتجاج ڪيو ته ڪوٽڙي سائيٽ ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس پرامن مظاهرين مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي،
25 ماڻهن کي ان ڪيس ۾ جوابدار طور ڄاڻايو ويو آهي لغاري اتحاد ضلعي دادو جي صدر حاجي محرم لغاري، اتحاد تعلقي ڪي اين شاهه جي صدر حاجي معشوق علي لغاري، اتحاد ضلعي نوشهروفيروز جي نائب صدر فقير علي اڪبر لغاري ۽ ٻين پريس ڪانفرنس دوران وڌيڪ چيو ته ضلعي سانگهڙ سان تعلق رکندڙ پوليس اهلڪار علي رضا لغاري جيڪو ڪنڌڪوٽ جي لوهي پل واري علائقي مان ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪيو ويو آهي
جنهن پوليس اهلڪار کي ڌاڙيلن پاڻ وٽ زنجير هڻي يرغمال رکيو آهي ۽ اهڙي وڊيو ڌاڙيلن پاران سوشل ميڊيا تي اچي وئي آهي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته آءِ جي سنڌ پوليس پنهنجي پوليس اهلڪار علي رضا لغاري جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کڻي ڇاڪاڻ ته ان پوليس اهلڪار جي زندگي کي خطرو آهي ۽ روز بروز ڌاڙيلن هٿان پوليس اهلڪارن جي شهادتن جا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن،
ڪوٽڙي سائيٽ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او پاران ڏوهاري ڄاڻائي ڪوڙي مقابلي جي دعويٰ بعد زخمي نوجوان عامر لغاري تان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ظلم ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف محڪماتي ڪاروائي ڪئي وڃي، لغاري اتحاد سڄي سنڌ ۾ اهڙين ناانصافين خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ سان گڏوگڏ عدالتن ۾ انصاف لاءِ وڃڻ جو اعلان ڪري ٿو.
جُون 15, 2024