دماغي مريض پٽ ثناء الله سنڌي پٺاڻ جي ڳولا ۾ پوليس پاران مدد ڪئي وڃي: محمد يوسف سنڌي پٺاڻ
دادو (ڊ-ر) دادو راءِ بازار جو رھواسي 22 سالا نوجوان ثنااللہ جي پيءُ محمد یوسف سنڌي پٺاڻ دانھيو ته دماغ جو مريض منهنجو پٽ گذريل 5 ڏينهن کان گم ٿي ويو آهي،جنھن سبب سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن،
سندس وڏي ڳولا باوجود ملي نه سگهيو آهي اسان جي گهر ۾ ماتم متل آهي، هن آء جي سنڌ ،ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ته دماغي مريض پٽ ثناء الله سنڌي پٺاڻ جي ڳولا ۾ پوليس مدد ڪري.
جُون 14, 2024