دادو لڳ شهيد مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، ھڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو لڳ شهيد مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، ھڪ ڌاڙيل ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار،ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر سميع الله سومرو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ گلڻ پٽ عبدالله پنهور طور ٿي آهي گرفتار جوابدار قتل، ڌاڙن، چورين، ڦرن، منشيات ڊيلنگ ، پوليس مقابلن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هو،
ٿاڻي مخدوم بلاول جي ايس ايڇ او نور حسين ڇڇر پوليس اهلڪارن سان گڏ گشت دوران ڦلجي اسٽيشن لنڪ روڊ تي شير محمد سولنگي ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن سان مبينا مقابلو فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ هڪ بدنام زمانہ ڌاڙيل گلڻ پنهور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، 2 سندس ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويا، زخمي ٿيل جوابدار جي قبضي مان هڪ پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن،
کيس بروقت علاج لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدارن خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۾ 34 داخل ڪيل ڪيسن جو رڪارڊ پڻ ملي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
جُون 14, 2024